ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ فنڊن جو ڪو مسئلو ناهي: واپڊا چيئرمين

November 8, 2018 at 7:28 pm

لاهور (م ڊ) واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين چيو آهي ته ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ فنڊن جو ڪو مسئلو ناهي، 2019ع ۾ انهن جي تعمير شروع ڪئي ويندي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مزمل حسين چيو ته هاڻوڪين حالتن ۾ درست واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ حڪومتن پاڻي بدران ٿرمل پاور هائوسز واري مهانگي بجلي کي اهميت ڏني، جيڪو غلط فيصلو هو، نقصان سڀ ڀوڳي رهيا آهن ۽ سرڪلر ڊيٽ ئي ختم نه پئي ٿئي. هن چيو ته 1951ع ۾ پاڪستان ۾ هر شهري کي ساليانو پاڻي جي فراهمي 5 هزار ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ هئي، عام طور جيڪڏهن اها ڪنهن ملڪ ۾ 3 هزار تي اچي وڃي ته اتي پاڻي جو بحران تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن اها ٻه هزار تي اچي وڃي ته ”واٽر اسٽريس“ ۾ اچي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اها هڪ هزار کان به هيٺ ٿي وڃي ته اهو ملڪ پاڻي جي سخت کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿيندو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت هر شهري کي ساليانو پاڻي جي فراهمي 948 ڪيوبڪ ميٽر تي آهي. واپڊا چيئرمين چيو ته ڀارت لاڳيتو سنڌ طاق معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ فوري طور ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي. مزمل حسين موجب اسان هر سال 50 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي زمين مان ڪڍندا آهيون ۽ ان سبب لوڻياٺ تباهي مچائيندي آهي، رڳو لاهور ۾ زمين اندر پاڻي جي سطح هڪ زماني ۾ 50 فٽ تي هئي، جيڪا هاڻ هڪ هزار فٽ تائين پهچي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندڙ قوم آهيون، واپڊا ۽ حڪومت نه پر هر شخص کي گهرجي ته اهو پنهنجي ذميواري سمجهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو