چاهيون ٿا ته ماضي جي غلطين کي ٻيهر نه ورجايو وڃي: مشاهد حسين سيد

July 11, 2018 at 8:28 pm

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) اڳواڻ مشاهد حسين سيد چيو آهي ته چونڊون آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن.نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سڀني کي هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن، سڀني کي آئين موجب پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ چونڊون آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ماضي جي غلطين کي ٻيهر نه ورجايو وڃي ڇو ته ماضي جي انهن غلطين کي ورجائڻ جا نتيجا اهي منفي هوندا جيڪي ماضي ۾ آيا هئا.هن چيو ته 30 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي اهم چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي پاڻ فيصلو ڪرڻ ڏيڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته اسان جا ووٽر اسان سان گڏ آهن ۽ اسان پرعزم آهيون ته فتح پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ئي ٿيندي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته محمد نواز شريف پنهنجي وطن واپسي جو وڏو دليراڻو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو عوام لاءِ ئي وطن واپس اچي رهيو آهي ۽ ماڻهو به ميان صاحب سان گڏ آهن.

برکا جو فيس بوڪ صفحو