چونڊون وقت تي ٿينديون، ڪراچي جو 50 سيڪڙو مئنڊيٽ پ پ کي ملندو: منظور وساڻ

May 13, 2018 at 9:03 pm

خيرپور ( ڊ ر ) خوابن جي شهزادي منظور وساڻ چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته قومي ۽ عالمي حالتون ٺيڪ نه آهن، نواز شريف کي پهچندڙ تڪليف جو فائدو پ پ ۽ عمران خان کي پهچندو. هن چيو ته عام چونڊن ۾ ڪراچيءَ جو 50 سيڪڙو مئنڊيٽ پ پ کي ملندو، باقي پنجاه سيڪڙو ايم ايم اي، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف کي ملندو. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جا سڀ ڌڙا عام چونڊن کان اڳ هڪ ٿي ويندا، ڪراچيءَ جو عوام دهشتگردن کي ووٽ نه ڏيندو. منظور وساڻ چيو ته نيب اسان کي تنگ ڪري رهي هئي ته نواز شريف خوش ٿي رهيو هو، هاڻي جڏهن پاڻ ۾ هٿ پيا اٿس ته رڙيون ڪري رهيو آهي، اها جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي آهي. هن چيو ته عام چونڊون اڳ کان به وڌيڪ بهتر ٿينديون، ڪو به وڳوڙ نه ٿيندو، گرمي شروع ٿيندي ئي سياسي گرمي به شروع ٿي چڪي آهي، گرمي وارا 2 مهينا اهم آهن. سندس چوڻ هو ته ٽن پارٽين ۾ مقابلو آهي، چونڊون کٽڻ بعد 2 وڏيون پارٽيون حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون. منظور وساڻ چيو ته آمريڪا جو دور هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي.  منظور وساڻ چيو ته نواز شريف ضياءَ الحق جي ڪک مان جنم ورتو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي بعد بينظير ڀٽو سياست ۾ آئي ته نواز شريف چوندو هو ته اها ڪٿي آئي آهي، هاڻي بلاول لاءِ چيو پيو وڃي، توهان به ٻڌايو ڪٿان آيو آهيو. هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ جو مقابلو ڪندڙ پارٽيءَ جو وجود ئي ناهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو