ڇتن ڪتن ۽ ڇتن ماڻهن حوالي ٿيل سنڌ!: نثار کوکر

November 24, 2019 at 6:04 pm

سنڌ حڪومت هاڻي جڏهن ڪتن جي باقاعده نس بندي ڪرڻ وارو منصوبو شروع ڪيو آهي تڏهن مونکي گاجي کهاوڙ جو اهو خفتي ياد اچي ويو، جنهن کي مقامي ماڻهو “استاد، استاد” چوندا هئا. سندس حقيقي قصي واري ڳالهه بعد ۾ لطيفي ۾ تڏهن تبديل ٿي وئي جڏهن معروف صحافي ف.م لاشاري دوستن کي ڪچهرين ۾ ٻڌائڻ لڳو ته جڏهن ان خفتي کان ڪجهه ماڻهن اچي پڇيو ته، “ڀائو ڏيو خبر ڀلا ڪتن خصي ڪرڻ واري ڪم جو توهانکي ڪو معاوضو ملندو آهي يا اهو شوق اٿوَ؟” ته هن وڏي معصوميت سان جواب ڏنو هو ته، “ابا فائدو ته ڪوبه ناهي نه ئي ڪو معاوضو پيو ملي باقي ماڻهو جو “استاد استاد” چوندا آهن ته اسانکي به راحت پئي ملي سو وتون ٿا ڪتا خصي ڪندا.” سو سنڌ جي حڪمرانن کي به لڳي ٿو استاد استاد سڏائڻ ۾ مزو اچي ويو آهي تڏهن ته اهڙيون اهڙيون فلمون گهلي گهلي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيا وجهن جو بس ڇا چئجي.

ڇتن ڪتن بابت جڏهن ڪجهه تنقيدي سٽون لکون ٿا ته حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جا حمايتي اهو دهمان ڪندي مٿان چڙهي ٿا اچن ته اهو رڳو سنڌ جو مسئلو ته ناهي ٻين صوبن ۾ به ساڳيو آزار آهي. اها ڳالهه ڪرڻ مان سندن مراد ڪهڙي به هجي ته توهان پنجاب حڪومت تي يا وفاق تي تنقيد نٿا ڪريو يا سنڌ سان گڏ انهن جي به ڳالهه ڪريو وغيره پر اصل ڳالهه انهن کي اها سمجهه ۾ نٿي اچي ته مان سنڌ ۾ رهندو آهيان ۽ سنڌيءَ ۾ ئي لکندو آهيان ۽ سنڌ بابت ئي لکندو آهيان ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ مان پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان معصوم ٻارڙي حسنين جو ڇتن ڪتن چڪيل چهرو وساري لاهور ۽ فيصل آباد ۾ حڪمرانن جي نااهلي تي ويهي لکان. ڇتن ڪتن بابت هاڻي ته روزانو ايتريون خبرون اچي رهيون آهن جو ميڊيا به ان کي تيستائين لفٽ نٿي ڪرائي نه ئي ڪوريج ڏئي ٿي جيستائين ڪتن چڪيل ماڻهو تڙپي تڙپي مري يا اهو ان معصوم ٻارڙي حسنين جيترو شديد زخمي ٿئي. سنڌ ۾ ڇتن ڪتن جي آيل ان بي رحم موسم تي بحث ڪندي مونکان هڪ ميئر پڇيو ته، “يار ڪتا ته اڳي به جام هئا پر اهو ڇتن ڪتن وارو اشو هاڻي اٿاري اسان جي حڪومت خلاف سازش ته نه پئي ڪئي وڃي؟” سندس ان محدود علم واري سوچ تي مونکي ڏاڍي حيرانگي ٿي ڇو ته انکي پاڻ خبر هئي ته انهن ڪتن کي مارڻ لئه هر ميونسپل اداري ۾ زهر جي سالياني بجيٽ ايندي آهي جيڪا هاڻي ڪجهه سالن کان اها زهر جي بجيٽ به اهي ماڻهو کائي کپائي ويا جن جا بئنڪ بيلنس اڳ ۾ ئي ڪروڙن ۾ هئا.

سنڌ ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ايترو ته وڌي ويو جو جن عملدارن ميونسپل جي زهر وارا معمولي پئسا کائي ڏٺا، انهن ئي وري حڪومتي وزيرن مشيرن کي صلاح ڏني ته اها لکن واري بجيٽ ڪنهن ڪم جي ناهي، تنهنڪري ان بجيٽ کي ڪروڙن ۾ بدلائڻ جو ڪو منصوبو جوڙيو ته بهتر، تنهنڪري ڪنهن گنجي فرشتي اچي اجلاس ۾ صلاح ڏني ته ڇو نه ڪتن جي نس بندي وارو منصوبو شروع ڪيو وڃي.ڪتا خصي ڪرڻ واري ان تجويز تي ايتري ته کيس پذيرائي ملي جو هن واپس اچي ٻيهر پنهنجي ٿيسز جو جائزو ورتو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته سموري سنڌ جا رولو ڪتا خصي ڪري سگهجن.ڪٿي ائين نه ٿئي ته اهو منصوبو به انسانن جي نس بندي ڪرڻ وارن منصوبن جيان ناڪام وڃي.ڇو ته انسانن جي نس بندي جو منصوبو جڏهن شروع ٿيو هو ته ماڻهن ان خيال جي ڪتن خصي ڪرڻ واري منصوبي کان به وڌيڪ مخالفت ڪئي هئي.انسانن جي نس بندي ڪرڻ وارا وڏيون گاڏيون کڻي اچي ڳوٺن ۾ فلمون ڏيکاري ماڻهن کي لالچون ڏئي وقفي ۾ ٻڌائيندا هئا ته، “بابا فيملي پلاننگ ڪريو!” پر ان مهم خلاف پڻ ماڻهن مزاحمت اهڙي ڪئي جو اها خانداني منصوبه بندي جي فلم ڏيکارڻ واري وين جتي به نظر ايندي هئي ماڻهو ان مٿان چٿرون ڪندا هئا.

انسانن جي نس بندي ڪرڻ وارن منصوبن ۾ جيتري ترقي ٿيندي رهي ايتري تنقيدي به ٿيندي رهي. ٽُڪن يا ٽِڪين جي جاءِ جڏهن ڪنڊوم اچي والاري ته فيملي پلاننگ وارا به پريشان ٿي ويا ته اها ڳالهه ڳوٺاڻن کي ڪيئن سمجهايون. ان ئي مونجهاري وارن سالن جي ڳالهه آهي ته خيرپورميرس جي ڪچي واري علائقي ۾ فيملي پلاننگ کاتي جي عورتن وڃي هڪ ڳوٺ جي عورتن ۾ ڦوڪڻا ورهايا ۽ کين هدايت ڪئي ته شادي شده عورتون پنهنجي مڙسن سان حق شرح ڪرڻ وقت اهي ڦوڪڻا پائين. چون ٿا ته ان مهم جي ڇهن ستن مهينن بعد جڏهن اها ساڳي ٽيم ساڳئي ڳوٺ ۾ پهتي ته هڪ عورت ڀت تي ٿڦيندڙ ڇيڻا ڇڏي اچي انهن فيملي پلاننگ وارين عورتن سامهون بيٺي ته، “واهه ادي واهه توهان جا ڦوڪڻا…!”

 هن پنهنجا ٻئي آڱوٺا مٿي ڪندي کين ٻڌايو ته، “اهي توهان وارا ڏنل ڦوڪڻا هڪ نه پر ٻه ٻه ڪري هنن آڱوٺن ۾ پائي ستم تڏهن به هي ڏس…” هن پنهنجي وڌيل پيٽ ڏانهن اشارو ڪندي کين ميارون ڏنيون ته خود فيملي پلاننگ ورڪر عورتون شرمسار ٿي ويون ته انهن کيس اهو ڇو نه ٻڌايو ته اهي ڦوڪڻا زالن کي نه مڙسالن کي پائڻا آهن.

سو هاڻي سنڌ ۾ جڏهن ڪتن خصي ڪرڻ وار موسم هلي پئي آهي ته من موجي ماڻهن اڳواٽ ئي لطيفن جهڙا ڪيترائي سوال ميدان ۾ اڇلي ڇڏيا آهن ته اهو کاتو سنگين قسم جي ڇتن ڪتن جي نشاندهي ڪيئن ڪندو ته ڪهڙا ڪتا خصي ڪرڻا آهن.سوال ته اهي به پيدا ٿين ٿا اهي ڪتا خصي ٿيڻ واري مرحلي مان گذرڻ بعد به اگر ڪا ڪارروائي ڪري ٿا وجهن ته ان جو قصور وار ڪير هوندو ڇا اها ويڪيسن فراهم ڪندڙ ڪمپني يا اهو ٽيڪنيڪل عملو جنهن ڪتا آپريشن ٿيٽر ۾ آڻي خصي ڪيا پر اهي خصي ٿي نه سگهيا. اهي سڀ سوال پنهنجي جاءِ تي پر ڇا اهو ممڪن ناهي ته هر شهر جي ميونسپل عملي کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪتن لئه مخصوص ڪيل زهر واري بجيٽ گوشت جي قيمي سميت ڪهڙن ڇتن ماڻهن کاڌي جو انهن مٿان ڇتن ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جي آزاريل آوازن جو به اثر نٿو ٿئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو