ڇت کان محروم انسانن لاءِ معياري سهولتن جو بندوبست ساهراهه جوڳو آهي:وزيراعظم

January 8, 2019 at 8:49 pm

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان راولپنڊي جي فواره چوڪ ويجهو قائم پناهه گاهه جو اچتو دورو ڪري بي گهر ماڻهن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو گذريل ڏينهن رات دير سان وزيراعظم عمران خان شلٽر هوم جي بهترين انتظام تي صحت جي وفاقي وزير عامر ڪياني ۽ انتظاميه جي ساراهه ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سخت ٿڌ ۾ خدا جي خلق لاءِ گرم هنڌ ۽ کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ عظيم خدمت آهي ڇت کان محروم انسانن لاءِ معياري سهولتن جو بندوبست ساهراهه جوڳو آهي وزيراعظم چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت شهرين جو انسانيت جي خدمت لاءِ اڳيان وڌڻ نهايت حوصلو ڏيندڙ آهي دوري جي موقعي تي عامر ڪياني، افتخار ڌراني ۽ سينيٽر فيصل جاويد به وزيراعظم سان گڏ هئا وزيراعظم اسپتال جي ٻارڙن جي شعبي ۽ فئملي يونٽ جو به دورو ڪيو اسپتال ۾ ملندڙ سهولتن بابت وزيراعظم کي تفصيلي ڄاڻ ڏني ويئي وزيراعظم اسپتال ۾ علاج جي جملي معيار، صفائي جي جملي صورتحال ۽ دوائون فراهم ڪرڻ واري نظام جو جائزو به ورتو وزيراعظم صحت جي وزير کان هولي فئملي اسپتال بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ وفاقي وزير عامر ڪياني کي هدايت ڏني ته هو اسپتال بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو