ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس بي مثال ۽ تاريخي آهي:بلاول ڀٽو زرداري
October 27, 2022 at 10:14 pm
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ): پيپلزپارٽي چيئرمين، بلاول ڀٽو ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تاريخي قرار ڏئي ڇڏي آھي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس بي مثال ۽ تاريخي آهي جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھاسٽيبلشمينٽ جي تڪراري کان آئيني ڪردار طرف منتقلي ملڪي ترقي ۽ خ وشحالي لاءِ اڻٽر آهي بلاول ڀٽو زرداري موجب آئيني ڪردار طرف منتقلي تي اداري جي خواهش کي همٿائڻ گهرجي، پيپلزپارٽي ٽن سالن کان جدوجهد ڪري رهي آهي ٻئي پاسي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جو اصل تعارف اڄ قوم کان ڪرايو ويو. تحريڪ انصاف چيئرمين ڪهڙا ڪم ڪندو رهيو اهو اڄ قوم جي سامهون اچي ويو آهي. دفاع واري وزير خواجه آصف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان سموريون حدون ڪراس ڪري ويو، هن شخص کي جيڪا غلط فهمي هئي اها به جلد ختم ٿي ويندي. عمران خان صرف پنهنجي ذات کي اوليت ڏيندو آهي. هي هميشه ادارن کي نشانو بنائيندو رهيو آهي. هي جڏهن حڪومت ۾ هو ته اپوزيشن لاءِ چيو ويو ته سڀني کي قيد ڪريو، عمران خان قوم کي اهڙي موڙ تي کڻي آيو آهي جتي هر شيءَ جو محور ذاتي اقتدار آهي. هن پاڪستان جي ادارن کي به ٽارگيٽ ڪيو پر اپوزيشن کي به انتقام جو نشانو بنايو. عمران خان طرفان چيو ويو ته عدم اعتماد ناڪام بنايو ۽ اڻڄاتل مدي تائين ايڪسٽينشن جو اظهار اوهان سڀني ٻڌو، پر ادارن طرفان نيوٽرل رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.