ڌماڪي واري هنڌ کي حساس قرار ڏنو ويو هو: راجا بشارت
May 8, 2019 at 4:17 pmلاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت داتا درٻار ڌماڪي کان پوءِ پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته عام ٿريٽ الرٽ موجود هئا جنهنڪري ان هنڌ تي پوليس ۽ ايليٽ جا جوان مقرر ڪيا ويا هئا جڏهن ته ان هنڌ کي حساس قرار ڏنو ويو هو.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت داتا درٻار ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي قسم واقعي سان حملي آور کي ڪو به مسلمان نٿو مڃي سگهي، اهڙن ماڻهن جو هن ملڪ ۽ مذهب سان ڪو تعلق ناهي، هي انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، عوام جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي.قانون واري وزير جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ٿي رهي آهي، ثبوت مليا آهن هي شايد آپگهاتي ڌماڪو هو پر اهو حتمي طور نٿو چئي سگهجي.راجا بشارت ٻڌايو ته عام ٿريٽ الرٽ موجود هئا جنهنڪري ان هنڌ تي پوليس ۽ ايليٽ فورس جا جوان مقرر ڪيا ويا هئا، ان هنڌ کي حساس قرار ڏنو ويو هو تنهنڪري بهتر سيڪيورٽي ڏني وئي هئي. ٻئي پاسي وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مزارن ۽ درويشن جي درگاهن کي نشانو بڻائيندڙ اسلام ۽ پاڪستان جا ويري آهن.وزيراعظم جي خاص مددگار لاهور ۾ داتا درٻار ڌماڪي مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيون ٿا، مزارن ۽ درويشن جي درگاهن کي نشانو بڻائيندڙ اسلام ۽ پاڪستان جا دشمن آهن. دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جون سازشون ڪندا رهندا آهن.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قوم، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سمورن اداران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي خلاف قوم متحد آهي، ان کي شڪست ضرور ڏينداسين ۽ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام نصيب فرمائي، وارثن کي صبر ۽ زخمين کي صحت ڏي