ڏات ڌڻين ڏاھن جي لوڪ ادب سان بيمثال محبت

December 22, 2017 at 7:12 am

اقبال عادل مھر
سنڌ جي شهرن ۾، جتي ڪافي پڙهيل طبقو آهي، ماڻهن جي وندر ورونهن ۽ تفريح طبع لاءِ ڪئين وسيلا موجود آهن. مگر ٻهراڙين ۾ جتي ڪافي عوام اڻپڙهيل آهي، اتي کين پنهنجيءَ وندر لاءِ، ٻين وسيلن کانسواءِ، لوڪ ادب جا بيمثل ۽ بيشمار خزانا موجود آهن. ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، لنڱن تي پورو لٽو نه لڀين، پر جڏهين ٿا سَٿ ۾ ويهي ملوڪ پنهنجو منهن کولين تڏهن لفظن جون لڙهيون اهڙيءَ طرح ٿا اوتين، ڄڻ سڳين ۾ موتي ٿا پوئين. درحقيقت لوڪ ادب ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جو بنياد آهي. ٻهراڙيءَ جي سگهڙن وٽ اڪيچار بي بها خزانو موجود آهي، جنهن کي هو پشت بپشت سيني ۾سانڍيندا آيا آهن. ڪيترا ملوڪ پنهنجي حياتيءَ جو دورو پورو ڪري هليا ويا ۽ اهو خزانو به ساڻ کنيو ويا، ڇو ته وٺڻ وارو ڪو هو ئي ڪو نه. پر هاڻي وقت جي تقاضا آهي ته اهو هنن کان وٺي، ضايع ٿيڻ کان بچائي، پوين لاءِ توشو ڪيو وڃي. خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ پارکو، اورچ، هڏ ڏوکي، سياڻا ۽ سالڪ هجن، جي شيءِ کي سڃاڻي ان جو قدر به ڪن ان سلسلي ۾ اسانجن ڏاهن ڏات ڌڻين پنهنجو قومي ورثو بچائڻ لاء گذريل سال کان هڪ تاريخي قدم کنيو آھي ۽ ان تاريخي قدم جو سربستو احوال سنڌ واسين جي اڳيان رکجي ٿو اهو هن ريت آھي تهلوڪ ادب  لاء ملڪي سطح تي جاکوڙيندڙ سگھڙن جي نمائندہ تنظيم سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم( سلات) ۽ اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن فار هيريٽيج آف سنڌ جي گڏيل سھڪار  سان صوفي شاعر علامه هدايت علي نجفي تارڪ جي شھر  لالورائنڪ تعلقي وارھ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ برک عالم، لطيفيات، لغت نويس ۽ لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 100 ھين سالگرھ ۽ ٻئي  لوڪ ادب ڏھاڙي جي مناسبت سان ڪوٺايل ٻن ڏينھن واري آل پاڪستان سگھڙ ڪانفرنس 16ڊسمبر ڇنڇر ڏھاڙي منجهند کان شروع ٿي جيڪا ٻئي ڏھاڙي 17ڊسمبر آچر تي صبح جو پڄاڻي تي پھتي، ڪانفرنس جي شروعات 16 ڊسمبر ڇنڇر ڏھاڙي منجهند جو “لوڪ ادب جاگرتا ريلي” جي پهرين نشست  سان ڪئي وئي. ريلي کان اڳ ۾ ساڃاھ وند اديبن سگهڙن شاعرن صحافين  صوفي شاعر علامه  ھدایت علي تارڪ نجفي جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد لوڪ ادب ڏھاڙي وارو خاص بينر هٿن ۾ کڻي لالورائنڪ پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، جنھن ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي ڊين ۽ سلات جي سرپرست اعلیٰ لوڪ ادب پارکو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري، لوڪ ادب جي برک عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو، ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي، سلات جي مرڪزي صدر استاد سگھڙ گل حسن “گل” ملڪ، پي ٽي وي جي سينيئر پروڊيوسر سڪندر علي رند، ليکڪ مور مغيري، سگھڙ عبدالخالق عرف مولابخش شيدي سگهڙ ارشاد علي عرضائي سيد مختيار علي شاھ ديدار لغاري جنيد ارشآد علي دوست جانوري الطاف حسين زهراڻي علي گوهر خاصخيلي محبوب علي ڏيپر  ۽ ٻين سگھڙن، شاعرن، اديبن، استادن، صحافين، معصوم سگهڙنياڻي ڪنيز فاطمه ٻالڪ سگهڙحبيب الله مهر سميت پيرسن ڏات ڏڻين توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جاگرتا ريلي بعد لالو رائنڪ جي معزز شخصيت رئيس غلام رسول مغيري جي اوطاق تي پٽ تي پاٿاريل پلال مٿان قسمين قسمين ڊيزائن سان تيار ٿيل هٿرادو هنر سان شاهڪار ٽڪ جي رلين سان گڏ ڀرٿ ڀريل وهاڻن جي وڇاڻي سان سجايل ثقافتي هال ۾  آل پاڪستان سگھڙ ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو ويو، هال اندر مڻن جي حساب سان آندل گلاب جي گلن جون ٻه جدا جدا ان جي راھ وانگر کوڙيون ڪيون ويون جنهن سان سمورو هال گلاب جي گلن جي خوشبوء سان معطر رهيو , ساڳئي وقت روايتي طور ٿڌ کان بچڻ لاء  15 فوٽ ڊگهو ۽ 5 فوٽ ويڪرو باھ جو مچ ٻارايو ويو ۽ اهڙيء سجايل ثقافتي هال اندر جاڳرتا ريلي بعد  ٻي ويھڪ تقريرن ۽ مقالن واري ٿي جنهن  ۾ سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري تلاوت ڪلام پاڪ ۽ لطيف سائين جي وائي سان ڪانفرنس جي شروعات ڪئي جنهن بعد سلات جي مرڪزي صدر استاد سگهڙ گل حسن گل ملڪ   لوڪ ادب ڏھاڙي جو مقصد ٻڌايو ، سلات جي باني عاجز رحمت الله  لاشاري  لوڪ ادب جي اھميت ۽ ضرورت بابت تفصيلي ڳالهايو ۽ ان کان سواءِ لوڪ ادب جو تعارفي منظوم مقدمو پيش ڪيو جنهن ۾ لوڪ ادب جي لفظي معني’ کان سواء لوڪ ادب ۾ شامل صنفن جو جامع ذڪر , لوڪ ادب تي ڪم ڪري ويل ۽ ھن وقت ڪم ڪندڙ اديبن , مشهور سگهڙن سان گڏ ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي سان گڏ ٻين ادارن کي اپيل جو ذڪر شامل هيو مقدمي جون ڇپرايل ڪاپيون ميڊيا جي نمائندن توڙي سگهڙن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني ماڻھن ۾ ورهايون ويون ، ان موقعي تي لوڪ ادب جي  ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي، لطيفيات جي ماهر سليم ڀٽو لطيفي, رئيس علي ڏنو نظاماڻي , غلام رسول چانڊيو , مرتضي’ مجبور ۽ سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري جي نياڻي پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي معصوم ڪنيز فاطمہ پڻ ياد مقالو پيش ڪيو.ٽين ويھڪ لوڪ ادب پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 100 ھين سالگرھ جي حوالي سان ٿي، جنھن ۾ سلات جي سرپرست اعلیٰ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، باني عاجز رحمت الله لاشاري، لطيف سائين جي پارکو سليم ڀٽو لطيفي، رئيس علي ڏنو نظاماڻي,مهراڻ ٽي وي جي ڊائريڪٽر مرتضي’ مجبور ۽ سنڌ ٽي وي جي ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيو ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ جي 100 ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنھن بعد لوڪ ادب خدمتن طور مقررن ۽ سگھڙن ڊاڪٽر بلوچ کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي،چوٿين ويھڪ ۾ لوڪ شاعري جي مختلف ڪتابن جي پڌرائي ڪئي وئي،  جنھن ۾ سلات جي اڳوڻي مرڪزي صدر سگھڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن بابت سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري جو سنواريل ۽ حسين بخش جي فرزند غلام عابد رڏ جو ترتيب ڏنل ڪتاب لوڪ ادب جو سپھ سالار، بلوچستان جي مولود گو شاعر مولوي  سڪندر علي دودو طاهري جي ڪتاب سچن جي ساراھ ، بدين جي لوڪ شاعر وسيم احمد ٽالپر جي ڪتاب عشق جون آھون ، محبوب علي محبوب ڏيپر جي ڪتاب ميھڙ ۽ محبوب، سميت تازو ثقافت کاتي جي بيحسي جا سور سهي فاليج/ اڌ رنگي جي تڪليف سبب تڙپي تڙپي فوت ٿيندڙ صاحب ڪتاب سگهڙ مرحوم محمد عالم مهر جي معصوم پوٽي ننڍڙي سگهڙ حبيب الله مهر جي ڪتاب حقي حرف حبيب جا ۽ قانوندان علي حسن مغيري جي هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو ٻولي ۾ لکيل  ٻن ڪتابن جي پڻ پڌرائي ڪئي وئي. ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان مٺي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد عابد عباس شاھ ,ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي پروڊيوسر مشتاق حسين تنيو, نادر حسين جوڻيجو , برک لوڪ ادب ڄاڻو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو , ليکڪ مور مغيري , عبدالڪريم رند, نياز حسين سولنگي , ڊاڪٽر محمد هارون , نواز علي سولنگي , امتياز سولنگي , محمد ميرڻ جکراڻي,استادسگهڙ ميانداد سيلاني , سنڌ ميڊيا سينٽر سجاول جوڻيجو جو چيئرمين عبدالنبي ڀٽي , انچارج علي مددلاشاري, مبارڪپور پريس ڪلب جا صحافي اقبال عادل مهر , عرفان احمد گولو , محمد عثمان مهر , عطاء الله مهر , قمبر جو صحافي امانت علي تنيو,  ۽ زيب فقير  پڻ خاص مهمانن جي صف ۾ شامل هئا,
جڏھن ته ڪانفرنس جي مک مڃتا واري تقريب ۾ سلات جي باني پاران خاص تاريخي اعزاز ڏيندي, آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس جي ڪنوينر سگهڙ عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي کي گلاب جي گلن ۾ توري پهريون تاريخي اعزاز ڏنو ويو جنهن بعد لطيفيات ۽ لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي معصوم ٻارڙن شاھ جي حافظن راحت ۽ انتخاب بڙدي ، لطيف سائين جا انگريزي اردو سنڌي ٻولين ۾ بيت پيش ڪيا. جڏھن ته قاضي احمد جي ٻن ڀيڻ ڀاءُ معصوم شھزاد چانڊيو ۽ ثنا چانڊيو عمر ماروي ۽ مومل راڻو جي داستان مان سرائتا بيت پڙھي خوب داد ماڻيو، جڏھن تہ پنجين درجي جي شاگردياڻي ۽ سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري جي نياڻي ڪنيز فاطمه رسالو ڳجهارتون ٻڌائي خوب داد ماڻيو ، ڪانفرنس ۾ شامل سمورن معصوم ٻارڙن کي فني مڃتا طور چاندي جا تاج پارايا ويا. جنهن بعد ڏوڪري جي انقلابي سگهڙ راحب علي سيهڙو موبائل فون سان لاڳاپيل سڀني شين ۽ مختلف موبائل فون ڪمپنين جي نالن سان جديد رنگ ۾ ڏور بيت ڏيئي سوين سگهڙن کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو، ساڳئي وقت ڏور جي ڏاهي سگهڙ منظور احمد مهر پڻ ھڪ انوکو پنجتني ڏور ڏنو، جنهن کي هالا جي مشھور سگهڙ رئيس  علي ڏنو نظاماڻي کولي بوسڪي جي پڳ ماڻي ورتي، ڪانفرنس ۾ ڳجهارتن جا چوٽان چوٽ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ پٺاڻ فقير جي ڏنل ڳجهارت کي ڪراچي جي سگهڙ منظور سومرو ۽ سانگهڙ جي سگهڙ عبدالصمد لغاري وڏي کوج کان پوءِ کولي انعام طور بوسڪي جا پٽڪا پاتا، نوجوان راڳي سرمد آڪاش شاھ جي وائي ۽ تارڪ سائين جي ڪلام تي خوب داد حاصل ڪيو، ڪانفرنس جي آخر ۾ 30 کان وڌيڪ سگهڙن، شاعرن، صحافين، محققن ۽ لوڪ ادب جي خدمتگارن کي تاج پارايا ويا، تاج پوشي جو اعزاز ماڻيندڙن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا ناميارا شامل هئا جن ۾ سکر جو برک استاد  سگهڙ غلام محمد منگي، ڀٽائيء جي ڀر ۾ گذريل اڌ صديء کان لطيف سائين جي عرس جي موقعي تي سگهڙ ڪچهري ڪرائيندڙ صوفي فائونڊيشن جي سرواڻ  رئيس علي ڏنو نظاماڻي، صحبتپور بلوچستان جي سگهڙ الله ڏنو هانڀي،شڪارپور جي ٺاهوڪي سگهڙ  پٺاڻ فقير مهر، قاضي احمد ڀرسان سندس اوطاق ۾ لوڪ ميوزم قائم ڪندڙ سگهڙ استاد  ميانداد سيلاني، خيرپور رياست جي ڏات ڌڻي فقير  زاهد حسين مهيسر، سڀني کان وڌيڪ رسالو ڳجهارتون جوڙي شايع ڪرائيندڙ سگهڙ  حاجي علي نواز وڳڻ، ڪشمور جي ڪاريگر سگهڙ پنهل پياسي ٻرڙو، قمبر جي ڪهاڙي سگهڙ سيد مختيار علي شاھ، اترئين علائقي جي پهرئين نمبر سگهڙ بهار ٻرڙو جي فرزند حبيب الله بهار ٻرڙو ۽ ڳجهارتي سگهڙ علي گل رند جڏھن تہ لوڪ ادب کي مختلف ٽي وي چينلس تي متعارف ڪرائڻ ۽ سنڌ ٽي وي جي خاص پروگرام اوطاق جي پروڊيوسر غلام رسول چانڊيو، مهراڻ ٽي وي جي پروگرام ڳالهيون ڳوٺاڻن جون جي پروڊيوسر مرتضىٰ مجبور، لوڪ ادب تحقيق جي مڃتا طور برک ڄاڻو ڊاڪٽر عبداڪريم سنديلي جي فرزند  ڊاڪٽر اسلم سنديلو، لوڪ ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي، لطيفيات جي فن ۾ لوڪ ادب کي متعارف ڪرائيندڙ سليم ڀٽو لطيفي، مختلف اخبارن ۾ مضمون نويسي ۽ خبرن ذريعي لوڪ ادب پذيرائي جي مڃتا طور صحافين  ڪي ٽي اين ۽ ڪوشش جي رپورٽر محرم چانڊيو،ڪاوش جي رپورٽر خالد ٻگهيو، سنڌ ٽي وي جي رپورٽر  مجيب الرحمان ٽوٽاڻي کي قيمتي هيرن سان جڙيل چاندي جا تاج پارايا ويا، ان موقعي تي آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس جي چيف آرگنائيزر ۽ سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري کي اڍائي لک ماليت 5 تولا سونو تاج پارائڻ جو جيئن ئي ڪنوينر پاران  اعلان ڪيو ويو تہ هن لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي سرڪاري سطح تي پرگهور نه لهڻ سبب ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن جي اڍنگي رويئي خلاف احتجاج ڪندي اهو سونو تاج پائڻ کان ٺپ  انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ چيو تہ سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور لوڪ ادب ادارو قائم ٿيڻ تائين مان اهو تاج ڪونہ پائيندس، هن چيو تہ جيسيتائين سرڪار نامدار يا ڪو لوڪ ادب جو خير خواھ منهنجي هن مطالبي کي عملي جامو پهرائي تيستائين هن تاج جي سموري رقم لوڪ ادب سرگرمين تي خرچ ڪئي وڃي، ان موقعي تي50 کان وڌيڪ سگهڙن ۽ لوڪ ادب جي حوالي سان مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃرائيندڙن کي پڻ چاندي مان تيار ڪرايل خاص لوڪ ادب ايوارڊ ڏنا ويا، جڏھن تہ صوبي سنڌ سميت ٻين صوبن جي بہ ڏورانهين علائقن کان شرڪت ڪندڙ ھڪ سَؤ کان وڌيڪ سگهڙن کي بوسڪي جا پٽڪا پارايا ويا نہ رڳو ايترو پر ڪانفرنس ۾ شامل هر هڪ شعبي جي ماهر کي گيڙورنگ جي الفيءَ ۾ پويل مڃتا ميڊل پارائي صوفي ازم جي پڻ پرچار ڪئي وئي ڪانفرنس ۾ شريڪ مهمانن جو سنڌ جي روايتي مهمان نوازي سان آڌر ڀاءُ ڪندي سرنهن جو ساڳ، چانورن جا چلڙا بھ پَلي ٻاڪري گوشت ۽ مڇي کان سواءِ ناشتي ۾ ماکي ۽ مکڻ پڻ کارايو ويو.
سگهڙ ڪانفرنس ۾ لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ الڳ ادارو قائم ڪرڻ ، صوفي  يونيورسٽي ڀٽ شاھ ۾ تصوف جو ماهر وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ پي ٽي وي جي پروگرام ڪچهري جو وقت 25 منٽن مان وڌائي هڪ ڪلاڪ ڪرڻ ۽ درسي نصاب ۾ لوڪ ادب جو سبق شامل ڪرڻ سميت بيمار سگهڙن وريام فقير شيخ، ممتاز امين سنياسي، نظير احمد ميمڻ ,مهر علي جوڻيجو، امداد ٻٻر ۽ ٻين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جون قراردادون پيش ڪيون ويون ، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  ساڃانھ وند لوڪ ادب ماهرن چيو تہ سنڌي قوم جاگيرداري ماحول ۽ وڏيرا شاهي جي ور چڙھيل آھي جنهن کي هن عتاب مان آجو ڪرائڻ لاءِ اديبن ۽ سگهڙن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽  ان عزم کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ خوشحالي ،آجپي ، ايڪتا، اتحاد ۽ آزادي جهڙا نوان سر ايجاد ڪرڻا پوندا.هنن چيو تہ لوڪ ادب جا وارث سگهڙ آھن پر انهن سان ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن جو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سمجھ کان ٻاهر آهي، هنن چيو ته پنهنجا نوازي ڪندڙ  ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاھ کي لوڪ ادب تي بہ ڌيان ڏيڻ گھرجي هو اڄ ڪلھ رڳو غير سنجيده رسمن ۾ پورو آھي کيس قديم ادب لاء به لوڪ ادب جون ٻين فيسٽيولن وانگر الڳ تقريبون ڪرڻ کپن آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس ٻن ڏھاڙن بعد پڄاڻي تي پهتي ,

برکا جو فيس بوڪ صفحو