ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
February 17, 2020 at 6:10 pm
جوهانسبرگ:(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ وڪيٽ ڪيپر رانديگر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ کي ڪپتاني ڏني ويندي.فوٽو شيئرنگ جي ايپليڪيشن انسٽاگرام تان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو آهي ته ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو منهنجي زندگي جي مشڪل ترين فيصلن مان هڪ هو.هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته مان ڏکڻ آفريڪا جي نئين قيادت سان ملي ٽيم جي نئين سر سان جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس. ان حوالي سان هن جو چوڻ هو ته پنهنجي ٽيم ۽ ڪوچ مارڪ بائوچر سان ملي ٽيم کي نئين انداز ۾ جوڙڻ ۽ ٻيهر منظم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندس.