ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ مسلم ليگ ن ۾ رهي تحريڪ هلائيندس: جاويد هاشمي

May 13, 2018 at 9:14 pm

ملتان ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ مسلم ليگ ن ۾ رهي به تحريڪ هلائيندس، منهنجو 1985ع کان مطالبو آهي ته ڊويزن سطح تي رهي صوبا ٺاهيا وڃن. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد هاشمي چيو ته اسد دراني 35 ماڻهن جي لسٽ ٺاهي جيئن وڏن وڏن سياستدانن کي ڦاسائي سياست مان ٻاهر ڪيو وڃي، اها ڪهاڻي اڃا تائين هلي رهي آهي پر منهنجو نالو شامل ناهي.  هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ فوج نواز شريف جي مدد ڪئي هئي ته ان جو جواب فوج کان وٺڻ گهرجي، چيف جسٽس ڪراچيءَ ۾ 12 مئي سانحي جو نوٽيس وٺي.  سندس چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب صوبو ٺهڻ سان پنجاب ورهائجي نه ويندو پر وفاق مضبوط ٿيندو. جاويد هاشمي چيو ته جيڪڏهن بهاولپور ۽ هزاره صوبو به ٺاهيو وڃي ته مون کي اعتراض ناهي

برکا جو فيس بوڪ صفحو