ڪامياب جلسي تي ڪارڪنن ۽ شهرين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو: حليم عادل شيخ

May 13, 2018 at 9:09 pm

ڪراچي(پ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر ايگزيڪيوٽو نائب صدر حليم عادل شيخ ڪراچي جي علائقي اله دين پارڪ ۾ ڪامياب جلسي تي عوام ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪندو چيو ته ڪراچي جي عوام کي سمجه اچي ويو آهي ته عمران خان ئي ملڪ جو واحد ليڊر آهي جيڪو عوام جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪراچي جي عوام ڀته خورن جي پتنگ ۽ هاڻي گينگ وارن جي پتنگ ڪري رد ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پي ٽي آئي ملڪ جي واحد جماعت آهي جيڪا ايندڙ حڪومت ۾ اڳتي اچي عوام جي لاءِ ڪم ڪندي هن چيو ته پي ٽي آئي جي جلسن لاءِ مخالفن تحريڪ هلائي ۽ رستا روڪ ڪئي ويئي مگر عوامي گهران نڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عوام پي ٽي آ.ئي سان گڏ آهي جناح گرائونڊ تي پ پ جي جلسي ۾ عوام جي بجاءِ سرڪاري ملازمن کي ويهاريو ويو، سمورا وسيلا هجڻ باوجود جلسي ۾ عوام نه پهتي پوري سنڌ مان ماڻهو گهرايا ويا ليڪن پوءِ جلسو خالي رهيو پ پ جو جلسو هڪ ميجڪ شو وانگر هو هن چيو ته اسان حڪومت ۾ اچي نئي پاڪستان سان گڏ نئين سنڌ به جوڙينداسين جنهن ۾ هر امير غريب لاءِ برابر جو انصاف هوندو. هن وڌيڪ چيو ته نااهل نواز شريف نااهل هجڻ سان گڏ هاڻي ملڪ جو غدار بڻجي چڪو آهي ماضي ۾ ڀارت دوست هجڻ جو هن وقت هن ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي عوام اهڙن ملڪ دشمن غدار ماڻهن کي ڪڏهن به نه ويساريندي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو