ڪراچي جو امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين:منظور وساڻ

May 9, 2018 at 8:35 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ڪراچي جو امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۾ وجود ختم ٿي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلز پارٽي سنڌ جي ڳالهين واري اجلاس سان خطاب ڪندي ڪيو. منظور وساڻ چيو ته ڪراچي جي باغ جناح گرائونڊ ۾ وڏو جلسو رٿينداسين، 12 مئي جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ هوندو، جلسي  کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ شڪست ڏينداسين، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ٻيهر ميدان ماريندي، ڪراچي جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي منظور وساڻ چيو ته هاڻ جيل ويندڙن کي ناشتي ۾ انڊا ملندا، آئون پاڻ به جيل ويس ۽ جيل خانه جات جو وزير به رهيو آهيان، هاڻ جيڪي جيلن ۾ ويندا منهنجن ڪمن جي تعريف ڪندا.

برکا جو فيس بوڪ صفحو