ڪراچي: سنڌ سرڪار کي اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم

July 9, 2018 at 9:22 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ سرڪار کي عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت سنڌ سرڪار کي 9آگسٽ تائين عمارت خالي ڪرڻ جي مهلت پڻ ڏني آهي ان موقعي تي سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته درخواست گذار جو حق مشڪوڪ آهي.ان موقعي تي عدالت سنڌ سرڪار  جي وڪيل کي چيو ته هي 30 سالن کان دربدر آهن ۽ فيصلو به هنن جي حق ۾ اچي ويو آهي توهان ڪئين ٿا چئو ته دعوا مشڪوڪ آهي .درخواست گذار چيو ته ماتحت عدالت نيو ايم اي جناح روڊ تي واقع اسلاميه ڪاليج ۽ اسڪولن جون عمارتون خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمارت خالي نه ڪرڻ تي سيڪريٽري ڪاليج پرويز سيهڙ ، سيڪريٽري تعليم اقبال دراني کي ڌر بڻايو ويوهو درخواست گذار عدالت کي ايپل ڪئي ته عملدرآمد نه ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

برکا جو فيس بوڪ صفحو