ڪراچي مان عمران خان جو کٽڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي:شرجيل ميمڻ

June 12, 2018 at 9:41 pm

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عام چونڊن کانپوءِ وفاق ۾ گڏيل حڪومت ٺهندي. ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ۽ شهباز شريف کي چونڊن وقت سنڌ ياد ايندي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ پ پ جو مقابلو اهڙين سياسي پارٽين سان ٿيندو جن جو ڪو به اصول ناهي، عام چونڊن بعد گڏيل حڪومت ٺهندي، ڪراچي مان عمران خان جو کٽڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ٻين تڪن جي ڀيٽ ۾ منهنجي تڪ اندر رڪارڊ ڪم ٿيا آهن ۽ ماڻهو ڪارڪردگي جي بنياد تي مون ئي ڪامياب ڪندا. شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ کانسواءِ ڪرپشن جي الزام هيٺ ٻين پارٽين جي اڳواڻن کي گرفتار نه ڪيو ويندو آهي، نواز شريف جو وي آءِ پي احتساب ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مان8 مهينن کان جيل ۾ آهيان پر ڪو به ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.  هن چيو ته عمران خان جي فرنٽ مين زلفي بخاري جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل هو پر اڌ ڪلاڪ ۾ عدالتي حڪم کانسواءِ سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪري پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته زلفي بخاري برطانيا ۾ عمران خان جو سمورو خرچ برداشت ڪندو آهي، پاڪستان ۾ به زلفي بخاري عمران خان جو رڌڻو هلائيندو آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻٽو معيار ڇو آهي؟ شرجيل ميمڻ چيو ته چوڌري نثار سان مقافات عمل ٿي رهيو آهي، هن جهڙي نموني ماڻهن سان ظلم ڪيو ۽ نالا اي سي ايل ۾ وڌا تنهن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو