ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي لائنن مان پاڻي جي چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو
May 10, 2022 at 11:03 pm
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ٻهراڙي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس اڄ صبح جو ان جي آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي لائنن مان پاڻي جي چوري ۾ ملوث عناصر جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ قانوني آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي مان زمين هيٺ پاڻي کي غيرقانوني طور تي ڪڍڻ ۽ ان جي ماحولياتي اثرن کان تحفظ جي لاءِ پڻ قدم غور هيٺ آيا. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، مڪاني کاتي جو سيڪريٽري نجم شاهه، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي وائس چيئرمين نجمي عالم، مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ فريده سلام، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ڊي ايم ڊي فنانس، چيف انجنيئرز ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا