ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، وڏي انگ ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ

December 11, 2018 at 8:33 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرز ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي انگ ۾ بارودي مواد، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن.رينجرز ترجمان مطابق اهڙي ڪارروائي ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ ڪئي وئي، جنهن دوران ايم ڪيو ايم ڏکڻ آفريڪا نيٽ ورڪ جي ٻن ڄڻن مستقيم
۽ مقيم کي گرفتار ڪيو ويو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ واقع هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، جتي وڏي انگ ۾ بارودي مواد، هٿيار ۽ گوليون جو ذخيرو هٿ ڪيو ويو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو