ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش هٿ اچڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو: سهيل انور سيال

May 10, 2018 at 9:36 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش هٿ اچڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل انور سيال چيو ته دهشتگردن خلاف فورسز ڪامياب ڪارروايون ڪيون، ڪراچي ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ امن قائم ٿيو آهي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، رمضان مهيني ۾ پوليس جي مقرري تبديل ٿيندي رهندي. سندس چوڻ هو ته رائو انوار جي حوالي سان سنڌ حڪومت تي ڪيترائي الزام آهن، سندس خلاف جاچ جاري آهي، جيڪڏهن هو ڏوهي ثابت ٿئي ٿو ته کيس سزا ضرور ملندي پر رائو انوار ڏوهي ثابت نه ٿيو ته کيس ٻيهر مقرر ڪري سگهجي ٿو

برکا جو فيس بوڪ صفحو