ڪرپشن ڪندڙ ڀوڳيندو، نيب ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو: جاويد اقبال

December 10, 2018 at 5:38 am

اسلام آباد ( بيورو ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ اقبال چيو آهي ته جيڪو ڪرپشن ڪندو ڀوڳيندو، نيب ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪندو.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جاويد اقبال چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رهيون آهن ڪنهن به حڪومت کي اهو احساس نه ٿيڻ گهرجي ته نيب اسان طرف ڇو ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته  حڪومتي نظام ۾ ڪامورا شاهي ڪرنگهي جي هڏي آهي پر ڪرنگهي جي هڏي خراب ٿي پئي ته ٿراپي ڪرڻي پوندي آهي،  جنهن ڪرپشن ڪئي آهي تنهن کي احتساب ڏيڻو پوندو، شاهه کان وڌيڪ شاهه وفادار نه هئڻ گهرجي. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ملڪ 95 ارب ڊالر جو قرضي آهي، جڏهن زميني حقيقتون ڏسون ٿا ته اسپتالن، شهرن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ 95 ارب ڊالر نظر نه ٿا اچن ڪٿي خرچ ٿيا، ڪئين خرچ ٿيا، جيڪڏهن پڇو وڃي ته ڪهڙي گستاخي ٿي وئي آهي. هن چيو ته ماڻهو 30 کان 35 سالن تائين اقتدار ۾ رهيا، هو شايد وساري ويٺا آهن ته هي مغل دور ناهي، نيب جو قانوني حق آهي ته پڇاڻو ڪري ته توهان ائين ڇو ڪيو، جڏهن به پڇاڻو ڪيو ته اها ڳالهه نظر ۾ رکي ته ڪنهن جو بنيادي حق مجروح نه ٿي. سندس چوڻ هو ته اعليٰ اختيارين کي احساس ڏيارن ۾ ڪامياب ضرور ٿيا آهيون ته جنهن ڪرپشن ڪئي تنهن کي جواب ڏيڻو پوندو، گهڻو پري جي ڳالهه ناهي چيو هو ته نيب ڪجهه ناهي، جنهن چيو هو  کين هاڻي ڪنهن حد تائين پڪ ٿي وئي آهي ته مئل وڻ ۾ جان اچي وئي آهي، نيب ڪنهن حد تائين وڻ بڻجي ويو آه جنهن جا ڏار به اچي ويا آهن. نيب چيئرمين چيو ته جڏهن به ڪنهن کان پڇا ڪئي ته خبر پئي 5 لک جي جاءِ تي 50 لک ۽ 50 لک جي جاءِ تي 50 ڪروڙ رپيه خرچ ڪيا ويا آهن، اهو غريب ماڻهن جو پئسو آهي، اهڙن ماڻهن کي ڏٺو جن وٽ 70 سي سي جي بائيڪ هئي ۽ اڄ وٽن وڏا وڏا ٽاور آهن،  اهڙن ماڻهن کان جيڪڏهن قومي ناڻي بابت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو گناهه ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام معصوم ۽ سادو ناهي، کيس اوندهه ۽ روشني جي خبر آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو