ڪشمير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي: شاهه محمود قريشي

February 3, 2019 at 7:23 pm

اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان جو موقف واضح ۽ چٽو آهي، ملڪ ۾ جمهويت، آئين ۽ ارڙهين ترميم کي ڪو به خطرو ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ارڙهين ترميم تي سياسي پارٽيون غير ضروري واويلا ڪري رهيون آهن، پاڪستان ۾ فيصلا ڪندڙ طاقتون رڳو عوام آهي. هن چيو ته ڪالهه تائين پ پ ۽ مسلم ليگ ن جا هڪ ٻئي جي ڳچي ۾ هٿ هئا اڄ ٻنهي پارٽين ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڊيل ٿي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ ٿي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته  خواهش آهي ته وڌ کان وڌيڪ پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪري سگهن. هن چيو ته هٿين خالي ڪشميرين تي ڀارت جي قابض فوج جي ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو