ڪنهن به اوچتي واقعي ۾ ڪوبه اسپتال طبي امداد فراهم ڪرڻ جو پابند هوندو:مرتضيٰ وهاب

January 24, 2019 at 8:18 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)): اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب گذريل سال سيپٽمبر 2018 ۾ پوليس جي گولي سان فوت ٿيندڙ ٻارڙي امل جي ماءُ پيءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته انهيءَ معصوم ٻارڙي جي موت رلائي ڇڏيو آهي انهيءَ واقعي کانپوءِ امل جي ماءُ پيءُ جو مستقبل ڪاوشن بدولت اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڪنهن به حادثي يا اوچتي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ شخص کي ڪنهن به ويجهي اسپتالن ۾ بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي ميڊيڪل ليگل پروسيس کانسواءِ پهرين طبي امداد فرام ڪئي ويندي ۽ قانوني ڪارروائي وارو عمل بعد ۾ ڪيو ويندو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي امل جا والدين سنڌ حڪومت جي انهيءَ سنجيده اُپاءُ کي واکائيندي چيو اڄ اسان جي ڌيءُ هن دنيا ۾ نه آهي پر ايندڙ اهڙو ڪو واقعو نه ٿئي انهيءَ معاملي ۾ اهو قانون ٺهڻ وڃي رهيو آهي جنهن کانپوءِ ڪنهن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صلاحڪار اطلاعات مرتضيٰ وهاب انهيءَ معاملي کي قانوني شڪل ڏيندي ڪيتريون ئي حياتيون ٻچائڻ جو تحفظ ڪيو آهي. صلاحڪار اطلاعات چيو ته سمورا اسپتال لاڳاپيل قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ لازمي طبي امداد سوڌو لائيف سيونگ ايڪيوپمينٽ ۽ ايمبولينس رکڻ جو پابند هوندو. طبي امداد نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڄاڻايل اسپتال جي مالڪ کي قيد، ڏنڊ يا اسپتال تي پابندي جي صورتحال کي منهن ڏيئي سگهي ٿو. ان کان علاوه قانون واري صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب سنڌ بار ڪونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزارت ايندڙ ويندڙ شئي آهي ۽ منهنجو ڪاري ڪوٽ سان رشتو مضبوط آهي ملڪ ۾ ققانون ۽ آئين جي بالا دستي هجڻ گهرجي اسان چاهيون ٿا ته آزاد عدليه کان پوءِ آزاد پارليامينٽ به ضروري آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ جي خلاف سازشون رٿيون ويون ۽ اسان جا ڪجهه نادان دوست اسلام آباد ۾ آهن اهي آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن هن چيو ته ضياءَ ۽ مشرف جهڙن آمرن کي پڻ انهي آئين جو سهارو وٺڻو پيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر سال بجيٽ ۾ بارڪونسل جو بجيٽ هجڻ گهرجي آخر ۾ صوبائي صلاحڪار کي سنڌ بار ڪونسل پاران ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جي سوکڙي پيش ڪيو ويو. ان کان علاوه بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر اسيمبلي جي فلور تي پنهنجي تقرير ۾ 2018 جي چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ جو اعتراف ڪري ويٺو. انسان جوشائتي انداز ۾ سچ ڳالهائي ٿو وڃي جيڪو اسد عمر جي زبان مان نتو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو