ڪوئيٽا ۾ خودڪش ڌماڪو، 20 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

April 12, 2019 at 7:25 pm

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 20 انسان موت جي ور چڙهي ويا جڏهن ته 48 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن . زخمين  کي سول اسپتال، بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس  ۽ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙهه به اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.  ڌماڪي بعد وڏي انگ ۾ سڪيورٽي اهلڪار به پهچي ويا جن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڀر پاسي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو . بلوچستان جي گهرو وزير ضياءَ الله لانگو موجب ڌماڪو صبح هزار گنجي جي علائقي ۾ قائم مارڪيٽ ۾ ٿيو ۽ شهيد ٿيندڙن ۾ هزارا براداري سان تعلق رکندڙ اٺ ڄڻن کانسواءِ  سيڪيورٽي اهلڪار ۽ نينگر پڻ شامل آهن. گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪي آپگهاتي هو.  ان کان اڳ  ڊي آءِ جي ڪوئيٽا  عبدالرزاق چيما پاران بم ڌماڪي ۾ 16 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد فوتگين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ هڪ ايف سي اهلڪار ۽ 7 هزارا برداري سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شامل آهن جڏهن ته واقعي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا..ڊي آءِ جي ٻڌايو ته هزار ڪميونٽي جا ماڻهو روزانو هتي قافلي جي صورت ۾ ڀاڄيون وٺڻ ايندا آهن جن کي سيڪورٽي ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ ايف سي جا اهلڪار به هوندا آهن .اڄ هزارا ڪميونٽي جا ماڻهو 11 گاڏين جي قافلي ۾ آيان جن ۾ 55 ماڻهو سوار هئا ۽ معمول موجب پوليس اهلڪارن کين مارڪيٽ ۾ ڇڏي پوزيشنون سنڀالي ورتيون .پٽاٽن جي دڪان مان سامان گاڏين ۾ رکندي ڌماڪو ٿيو جڏهن ته ڌماڪيدار مواد پٽاٽن جي ٻورين ۾ لڪايو ويو هو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو