ڪورونا جي نئين قسم جو جائزو وٺي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي:وزيراعليٰ سنڌ

May 10, 2022 at 11:04 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي نئين ويرينٽ جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي نئين لهر کي ڏسندي صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي اهم هدايتون جاري ڪيون ويون. سنڌ ڪابينا چيو ته ڪورونا جي نئين قسم جو جائزو وٺي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو