ڪورونا وائرس جي خلاف چين جي ڪردار جي واکاڻ تي عمران خان ۽ جنرل قمر جاويد باجوه جا ٿورائتا آهيون: چين
March 22, 2020 at 4:37 pm
بيجنگ: چين چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ چيني حڪومت جي ڪردار جي واکاڻ ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جا ٿورائتا آهيون.چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ليجيان زائو پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪورونا جي خلاف چين جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي.ترجمان ليجيان زائو وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستانين کي چيو آهي ته هو چين جي تجربن جي پيروي ڪن. خواهش آهي ته پاڪستان ڪورونا جي خلاف تمام جلد ڪامياب ٿئي