ڪوشش آهي ته عدالتن مان ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي: جسٽس احمد علي شيخ
February 4, 2019 at 9:13 pmحيدرآباد ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي تھ حيدرآباد جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، جنهن امير هاني مسلم جهڙا بهترين جج ڏنا آهن. حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي جسٽس احمد علي شيخ چيو تھ هاءِ ڪورٽ بار جو اهم ڪنٽريبيوشن رهيو آهي. هن چيو تھ جڏهن بھ توهان سڏيندا آهيو تھ هو حاضر ٿي ويندو آهي.جسٽس احمد علي شيخ چيو تھ سندن ڪوشش آهي تھ عدالتن مان ماڻهن کي تڪڙو ۽ حق تي ٻڌل انصاف حاصل ٿئي..