ڪوڏي ڪوڏي ورلڊ ڪپ: ماهره خان پاران پاڪستان جي سوڀ تي خوشي جو اظهار
February 17, 2020 at 6:16 pm
ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ماهره خان پاڪستان کي ڪوڏي ڪوڏي عالمي چيمپين بنجڻ تي امن جو پروانو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان ٽوئٽر تي ڪوڏي ڪوڏي ورلڊ ڪپ 2020ع جي فائنل ۾ پاڪستان روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي انتهائي پرجوش انداز ۾ ڪوڏي ڪوڏي ٽيم ۽ پاڪستان کي مبارڪباد ڏني.هن لکيو آهي ته(واهه واهه پاڪستان جي ٽيم کي سوڀ ماڻڻ تي مبارڪباد هجي.) ماهره خان پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي هن سوڀ کي امن جي نانءُ ڪرڻ گهرجي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن فائنل کٽڻ جي لاءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڪافي زور آزمائي ڪئي پر پاڪستاني پهلوان ڀارتي پهلوانن تي حاوي رهيا ۽ هنن ڀارتي پهلوانن کي شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتو. D