ڪوڙ ڳالهائڻ تي الله حڪومت جي رٿائن مان برڪت ختم ڪري ڇڏي آهي: مريم اورنگزيب
December 11, 2018 at 12:19 amاسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن جي ترجمان ۽ ايم اين اي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريون چيو ته ڊالر جو اگهه ٽي وي ذريعي پتو پيو، پوءِ ناڻي واري وزير چيو ته مان پهريون ٻڌائي ڇڏيو هو، ڪوڙن تي شعر چوڻ چاهيندس. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙن، ڪوڙن کي چيو آهي سچ ڳالهايو، سرڪاري اعلان ٿيو آهي ته سچ ڳالهايو، گهر اندر ڪوڙن جي هڪ منڊي آهي ۽ دروازي تي لکيل آهي ته سچ ڳالهايو. مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته اها ڪارڪردگي آهي ۽ اها ئي اصل ۾ حقيقت آهي، حڪومت جي، اصل ۾ کين ڪوڙ جي عادت آهي. هن چيو ته نااهل حڪومت جي نصيب ۾ رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ آهي، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ نصيب نصيب جي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته نااهل، ڪوڙي حڪومت مسلم ليگ ن جي رٿائن جو افتتاح ڪندي. مريم اورنگزيب چيو ته نااهل حڪومت کي سيالڪوٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ شهباز شريف جي تختي عمران خان جي لڳائڻي پئي. هن چيو ته ڪوڙ جي عادي نااهل حڪومت ڦيٿا ڪاٽڻ لاءِ اسان جا منصوبا چوري ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته هاڻي ايم او يوز جي چوري ٿي آهي ۽ ترقياتي رٿائن جي به ٿيندي. مريم اورنگزيب چيو ته مني لانڊرنگ خلاف اسحاق ڊار جا صحيح ٿيل معاهدي وزيراعظم چوري ڪري پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ تي الله حڪومت جي ڪمن مان برڪت ختم ڪري ڇڏي آهي.