ڪو به پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري، رڳو چقمق لڳائي طاقت ڇڪي رهيو آهي: سعد رفيق

January 3, 2019 at 8:02 pm

اسلام آباد ( بيورو ) ريلوي واري اڳوڻي وزير سعد رفيق چيو آهي ته پنهنجو ڪم ڪير نه ٿو ڪري رڳو چقمق لڳائي طاقت ڇڪڻ چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي  خواجه سعد رفيق چيو ته مهمند ڊيم جي اڏاوت جو ٺيڪوڏيڻ جو عمل اسان جي دور کان شروع ٿيو، جيڪڏهن ڊيسڪون کي ٺيڪو مليو آهي ته رزاق دائود کي وزارت نه وٺڻ گهرجي ها، هاڻي ڊيسڪون پوئتي هٽي يا وري رزاق دائود هٿ کڻي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڊيمن جي سخت ضرورت  آهي، مسلم ليگ ن مخالف ناهي. هن چيو ته احتساب جي قانون ۾ ترميم اڻٽر آهي، 90 ڏينهن جو رمانڊ ختم ڪيو وڃي، ٽن مهينن ۾ نيب ريفرنس داخل ڪري وڌيڪ ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏي اهو ختم ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان ته ڀوڳيو آهي، هاڻي تحريڪ انصاف ترميم نه ڪئي ته ڀوڳيندي. خواجه سعد رفيق چيو ته نيب جو ڪارو قانون آهي، هاڻي شاهد خاقان عباسي خلاف شڪايت ٿي آهي، هي ڪهڙا محب وطن پاڪستاني آهن جيڪي گمنام درخواستون ڏين ٿا،  اهڙن ماڻهن جو پتو لڳائڻ گهرجي جڏهن ته مان جهانگير ترين جي نااهلي تي خوش نه هيس. اڳوڻي ريلوي واري وزير چيو ته اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ سڀ سياستدان جيل ۾ هوندا، ادارن سان ڳالهائڻو پوندو، قومي ايجنڊا تيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان شديد خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته پنج سال پورا ڪرڻ کان اهم قومي سلامتي آهي، جمهوريت کي وڌڻ ڏنو وڃي ۽ گهيرو نه ڪيو وڃي، سياست مان جبر ختم ڪيو وڃي، سياسي پارٽين ۾ جمهوريت آڻڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ 2 قانون هلي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جي وزيرن تي به الزام آهن ڪنهن استعيفيٰ ڏني،  مراد علي شاهه چونڊيل وڏو وزير آهي، ڪيئن استعيفيٰ گهري پئي وڃي، اسان ڀائرن تي به الزام بي بنياد آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو