ڪو وزير ملڪ کان ٻاهر نه وڃي، حڪومت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي:وزيراعظم

November 30, 2021 at 10:28 pm

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان وزيرن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي وزيراعظم حڪم ڏنو ته ڪو وزير ملڪ کان ٻاهر نه وڃي، حڪومت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم وزيرن کي چيو ته ايندڙ 3 کان 4 مهينا معاشي معاملن لاءِ اهم آهن، پنهنجي پنهنجي وزارتن ۾ رهو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو