ڪُرسين تي ويهي جج حدون اورانگهيندا ته آواز اُٿارڻ اسان جو به حق آهي:خواجه آصف

February 25, 2023 at 12:16 am

اسلام آباد ( بيورو ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف  سُپريم ڪورٽ جي جَجَن بابت چيو آهي ته جڏهن هو ڪُرسين ويهي اسان جون حدون اورانگهيندا ته آواز اُٿارڻ اسان جو به حق آهي هُنن پنهنجن عهدن جون گهرجون پوريون ناهن ڪيون. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هڪ شڪايت رهندي آهي ته پارليامينٽيرينز ججن جا نالا وٺي تنقيد  ڪندا رهندا آهن هو پڇڻ چاهي ٿو ته ڪجهه ججن تي تنقي

د ڪئي ويندي آهي ته ڪجهه ججن تي ڇو نه ڪئي ويندي آهي؟. سندس چوڻ هو ته جڏهن جج سندن حدن ۾ داخل ٿيندا ته هو به سوال اٿاريندا؟، ثاقب نثار ۽ کوسا تي تنقيد آهي ته پوءِ ناصرالملڪ تي ڇو نه؟، اهو سوال عدليا لاءِ آهي ته آخر ائين ڇو آهي؟. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هڪ سوال اهو به اٿاريو ويو آهي ته ٻن صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو فيصلو درست ٿيو آهي يا نه؟، آئين کي ٻيهر لکڻ عدليا جو ڪم ناهي، جنهن طريقي سان آرٽيڪل 63 کي ٻيهر لکيو ويو آهي، اهي ان جا اثر آهن. هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري زيادتي ڪئي وئي، کيس تاحيات نااهل ڪيو ويو، ججن جا رمارڪس موجود آهن ته نواز شريف جي ڪيس ۾ حدون پار ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي چئي چڪو آهي ته نواز شريف سان زيادتي ڪئي وئي فل ڪورٽ قائم ڪري پاناما ڪيس کان وٺي سمورن ڪيسن تي نظرثاني ڪئي وڃي جهڙي طرح ن ليگ پنجاب ۾ حڪومت ختم ڪئي وئي اهو به رڪارڊ تي موجود آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت جي خاتمي بابت به سپريم ڪورٽ ۾ به سوال اٿاريا ويا عدالت ۽  ججن تي وڏو سواليا نشان لڳي چڪو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو