گڏيل عرب امارات جي دوري ۾ اسان جي آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ميٽنگ ٿيندي: شاهه محمود قريشي

February 10, 2019 at 8:02 pm

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان چاهي ٿو ته عالمي مالياتي فنڊ سان اهڙين شرطن تي اڳتي وڌي جن مان عوام تي ڪوبه وزن نه پوي.گڏيل عرب امارات روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته گڏيل عرب امارات جي دوري ۾ اسان جي آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ميٽنگ ٿيندي ۽ چاهيون ٿا ته اهڙيون شرطون طئه ٿين جن سان عوام تي ڪوبه وزن نه پوي.هن چيو گڏيل عرب امارتن جي ولي عهد ۽ اعليٰ قيادت سان ملاقات ٿيندي، وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪليدي اسپيڪر طور خيالن جو اظهار ڪندو.شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي خطي ۽ خاص طور تي پاڪستان کي گورننس جي تمام  گهڻي ضرورت آهي، اسان جي گهڻن ئي مسئلا خراب گورننس سبب جنم ورتو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو