ڳائڻن ۽ موسيقارن لاءِ رڪارڊ ليبل جي اهميت ڇت جيان آهي: حديقا ڪياني

December 2, 2019 at 5:27 pm

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻي حديقه ڪياني چيو آهي ته ڳائڻن ۽ موسيقارن لاءِ رڪارڊ ليبل جي اهميت ڇت جيان آهي جنهن جو سڀ کان وڏو فائدو ان مان ملندڙ معاشي سپورٽ آهي. اها ڳالهه هن هڪ انٽرويو دوران چئ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 52

ي.هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوان ڳائڻن کي سامهون آڻڻ جا موقعا گهٽ آهن ۽ الميو آهي ته هتي رڪارڊ ليبلز جو تصور ئي ناهي. اسان وٽ نئون ڪم ڪرڻ جا انتهائي محدود موقعا آهن ۽ اهڙو ئي هڪ پليٽ فارم ڪوڪ اسٽوڊيو آهي. منهنجي خواهش آهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو جهڙا 10 ٻيا پليٽ فارم به هجن جن ۾ نئون ۽ پراڻو ٽيلينٽ اچي ۽ سڀ گڏجي ڪم ڪن. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ رڪارڊ ليبل ۽ موسيقي جا حق محفوظ هجڻ گهرجن ۽ هڪ اهڙي ڪمپني هجڻ گهرجي جيڪا اسان جي موسيقي بابت حقن جو تحفظ پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ به ڪري.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو