ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سهڪار سان سماجي اڳواڻ رخسار سنديلو جي نگراني ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي
October 27, 2022 at 10:09 pm
ڏوڪري(نمائندو) ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سهڪار سان سماجي اڳواڻ رخسار سنديلو جي نگراني ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ طبي معائني سان گڏ 450 جي لڳ ڀڳ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن چڪاس ڪئي وئي ۽ کين مفت دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي ميڊيڪل عملي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روز جي بنيادن تي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي مفت چڪاس ڪري غريبن جي خدمت ڪري رهيا آهيون برسات کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مختلف موذي مرضن جهڙوڪ ڊائريا، ڪالرا، ڊينگي وائرس سميت چمڙي جي بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ مفت چڪاس بعد دوائون ڏنيون پيون وڃن