Latest news

اظهر علي انجري کانپوءِ ٻيهر ايڪشن ۾ نظر ايندو

December 4, 2017 at 12:30 pm

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اوپننگ بيٽسمين اظهر علي گوڏي جي انجري مان ريڪور ٿيڻ کانپوءِ سڀاڻي کان ٻيهر ايڪشن ۾ هوندو. اظهر علي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران گوڏي جي انجري سبب ون ڊي سيريز ۾ شرڪت کان محروم رهيو هو جنهن کي پي سي بي فٽنيس جي بحالي لاءِ انگلينڊ موڪليو هو جتي هن ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ فٽنيس تي ڪم ڪيو. فٽنيس جي بحالي کانپوءِ اظهر علي آچر کان ڪرڪيٽ ايڪشن ۾ هوندو ۽ هو نيشنل بينڪ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ حبيب بينڪ خلاف ايس اين جي پي ايل طرفان ايڪشن ۾ هوندو. ميچ جي تياري لاءِ اظهر علي اڄ ڀرپور ٽريننگ ڪئي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ ٽينس تي بيٽنگ کانپوءِ ان بنا ڪنهن تڪليف جي فيلڊنگ سيشن ۾ به حصو ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *