Latest news

دهلي ٽيسٽ: مرلي وجئي ۽ ڪوهلي جون سينچريون، سريلنڪن بالر بيوس

December 4, 2017 at 12:28 pm

دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽئين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن مرلي وجئي ۽ ويراتڪوهلي سريلنڪن بالرن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، ٻنهي جون سينچريون، ڀارت پهرين ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي 4 وڪيٽون وڃائي 371 رنسون ٺاهي ورتيون. دهلي ٽيسٽ ۾ ميزبان ٽيم ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سريلنڪا لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب جيان ثابت ٿيو، سريلنڪن بالر مضبوط ڀارتي بيٽنگ لائين اڳيان بيوس بڻجي ويا. مرلي وجئي بهترين اننگز کيڏندي 155 رنسون ٺاهي سنداڪان جي بال تي وڪيٽ ڪيپر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، شيکر ڌون وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ 23 رنسون ٺاهي پريرا جي بال تي لڪمل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي پويلين موٽيو، پجارا به 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اجنڪيا رهاني 1 رنس ٺاهي ڊريسلنگ روم ڏانهن موٽيو. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 156 ۽ روهت شرما 6 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن. سريلنڪن بالرن طرفان سندڪان 2، پريرا ۽ گيميج 1،1 وڪيٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارت کي 1-0 تان برتري حاصل آهي، ڀارت ٻي ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي اننگز ۽ 239 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏني هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *