Latest news

مشهور عرب ڳائڻي راڳ ڇڏي نعت پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا

December 4, 2017 at 12:29 pm

لبنان(شوبز نيوز) لبناني پاپ اسٽار امل حجازي راڳ کان پاسو ڪرڻ کانپوءِ پيغمبر اسلام حضرت محمد صه جي تعريف ۾ نعت پڙهي پنهنجي ڪيريئر جي نئين شروعات ڪري ڇڏي. ڪجهه ڏينهن اڳ لبنان جي پاپ ڳائڻي امل حجازي راڳ کي الوداع چئي اسلامي ڳالهين مطابق زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جي ان فيصلي سان لکين مداح حيراني ۾ مبتلا ٿي ويا. امل فيس بڪ تي حجاب پاتل پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته الله آخر ڪار منهنجي دعائن کي قبوليت بخشي، مان ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجي محبوب فن ۽ پنهنجي عزيز مذهب وچ ۾ ٽڪراءُ ۾ رهيس. منهنجي اندر هڪ ڪشمڪش جاري هيئ جنهن سان مان جي رهي هيس الله منهنجون دعائون قبوليون. آخرڪار مون اها خوشي ملي وئي جنهن جي مون کي ڳولا هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *