Latest news

نواز ليگ جو ستارو گردش ۾!

December 4, 2017 at 11:26 am

فيض گنج لڳ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي صوبائي وزير منظورحسين وساڻ چيو آهي ته جي ڊي  اي جو ڪوبه مشتقبل نظر نٿو اچي . نوازليگ ستارو گردش آهي . ايم ڪيو ايم جو هاڻي ووٽ بيڪ نه رهيو آهي اهڙواظهار صوبائي وزير منظور حسين وساڻ پيپلزپارٽي جي ضلعي جي جنرل سيڪٽري شيراز شوڪت راڄپر جي رهائش گاهه  ڪرونڊي  شهر ۾ 50 يوم تاسيس جي موقعي تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته جي ڊي اي ۾ سڀ ٽاگا پارٽيون شآمل ٿيون  آهن اسان کي جي ڊي  اي جو ڪوبه مشتقبل روشن نظر نٿو اچي هن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بيڪ هاڻي سنڌ ۾ نه رهيو آهي هن ٻڌايو ته جي ڊي اي ٽٽي ويندو ڪجهه ماڻهو عمران خان ڏانهن ۽ ڪجهه ماڻهو پرويز مشرف جي پارٽي ۽ ڪجهه ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيندا هن ٻڌايو ته جي ڊي اي جو ڪوبه مشتقبل نه رهيو آهي هن ٻڌايو ته سڀ پارٽيون گڏ جي پيپلزپارٽي کي هارائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن هن ٻڌايو ته پيلپزپارٽي عوامي پارٽي آهي هن ٻڌايو ته 20018ع واري اليڪشن ٿيندي نظر نٿي اچي جنهن لاءِ وقت جو انتظارڪرڻو پوندو هن ٻڌايو ته پ.پ هڪ جمهوريت پارٽي آهي هن کي گڏجي سڀئي سياسي پارٽيون چونڊن ۾ هارائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ليڪن شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ محترمه بنظير ڀٽو شهيد ن جي پارٽي آهي هن ٻڌايو ته آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پارٽي هن وقت وڌيڪ فعال ٿي رهي آهي جيالن ۽ شهيدن جون  هميشه سنڌ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن هن ٻڌايو ته نوازشريف سان ايندڙ اليڪشن ۾ ڪوبه اتحاد نٿو ٿي سگهي نواز ليگ هميشه پ.پ سان دوکي واري سياست ڪئي آهي هن ٻڌايو ته 20018ع واري اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺاهيندي مخالفن کي ڀل آهي هن ٻڌايو ته هن موجب پارٽي جيڪا عوام جي رڳن ۾ شامل ٿي چڪي آهي هن پارٽي جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن آخر ۾ صوبائي وزيرمنظور حسين وساڻ سان گڏ پيپلزپارٽي اڳواڻ منورحسين وساڻ . شوڪت راڄپر . جاويد شاهه جيلاني . رياض حسين چانگ . ياسين چانگ ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ سندس گڏ هئا

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *