Latest news

والد مسلمان ۽ والدا هندو آهي، پر آئون پنهنجي پاڻ کي ‘‘انسان’’ سمجهندو آهيان : سلمان خان

December 4, 2017 at 12:31 pm

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪار سلمان خان چيو آهي ته سندس پيءُ مسلمان ۽ ماءُ هندو آهي پر هو پاڻ کي هندو يا مسلمان بدران ”انسان“ چوندو آهي. هندوستان جي 15هين ليڊر شپ سمٽ دوران ڀارت جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو جڏهن ته انٽرٽينمنٽ انڊسٽري جي نمائندگي ڪندي بالي ووڊ سلطان سلمان خان پڻ ان سمٽ ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ، مذهب، ذاتي زندگي ۽ ريئليٽي شو بگ باس جي حوالي سان ڪيتريون ئي ئي ڳالهيون منظر تي آنديون.سمٽ دوران سلمان خان انڊيا ٽوڊي گروپ جي اڳوڻي وائس چيئرمين، ايڊيٽرن چرف دي پرنٽ ۽ مشهور ڀارتي صحافي شيکر گپتا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته بالي ووڊ جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي، منهنجو پيءُ سليم خان مسلمان آهي ۽ ماءُ سشيلا هندو مذهب سان لاڳاپيل آهي پر آئون پاڻ کي رڳو ”انسان“ چوندو آهيان. هن چيو ته فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ماڻهو ڪنهن به مذهب سان لاڳاپيل هجن سڀ گڏجي ڪم ڪندا آهن. انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ هر شخص ڀلي هو ڪارپينٽر ، اسپاٽ بوائي ، لائٽ مين، اداڪار، هدايتڪار هجي يا پروڊيوسر هجي، پر ڪو به ان ڳالهه کي محسوس نه ڪندو آهي ته ڪير ڪنهن مذهب سان لاڳاپيل آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *