Latest news

ورات ڪوهلي ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ ڊبل سينچريون هڻندڙ رانديگر بڻجي ويو

December 4, 2017 at 12:31 pm

نئين دهلي( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ ڊبل سينچريون ٺاهڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ورات ڪوهلي سريلنڪا خلاف دهلي جي فيروز شاهه ڪوٽلا ميدان ۾ جاري سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڊبل سينچري مڪمل ڪري ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ پنج ڊبل سينچريون هڻڻ جو برائن لارا جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ورات ڪوهلي اننگز ۾ 243 رنسون ٺاهيون جيڪو سندس بهترين اسڪور به آهي. ورات ڪوهلي 2017ع ۾ هڪ هزار ٽيسٽ رنسون به مڪمل ڪيون ۽ ڀارتي ڪپتان طور اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ جو اعزاز به سندس نالي آهي. ورات ڪوهلي جاويد ميانداد، يونس خان، سچن ٽنڊولڪر، سهواگ، رڪي پونٽنگ ۽ مارون اتا پتو سان 6 ڊبل سينچريون ٺاهي گڏيل ڇهين پوزيشن تي اچي ويو آهي. هاڻي جي ورڌني 7، والي هيمنڊ 7، برائن لارا 9، سنگا ڪارا 11 ۽ ڊان بريڊ مين 12 ڊبل سينچرين سان ڪوهلي کان اڳتي آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *