Latest news

پاڪستان آمريڪا سان ملي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو: آمريڪي بچاءَ وزير

December 4, 2017 at 12:06 pm

واشنگٽن: (م ڊ)آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس اعتراف ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪ فوج جا جوان ۽ عام شهري شهيد ٿيا آهن، پاڪستان آمريڪا سان ملي گهڻ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، اسان پاڪستان سان حقيقت پسنداڻن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهيون.واشنگٽن ۾ ڏکڻ ايشيا سميت مختلف ملڪن جي دوري تي روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي جيمز ميٽس چيو ته بچاءَ واري وزير جي حيثيت ۾ پهريون دورو ڪري رهيو آهيان، افغان مفاهمتي عمل ڏکڻ ايشيا عمل جو حصو آهي، پاڪستان سان ڏکڻ ايشيا جي نئين پاليسي بابت تفصيلي ڳالهيون ٿينديون، پاڪستان کان پڇا ڪبي ته افغانستان مفاهمتي پاليسي ۾ ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *