Latest news

پاڪستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪجهه به ڪري سگهون ٿا: سي آءِ اي چيف جي ڌمڪي

December 5, 2017 at 2:48 am

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي سربراهه مائيڪ پوميو ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي حدن ۾ دهشتگردن جا مضبوط ٺڪاڻا ختم نه ڪيا ته آمريڪا انهي جي خاتمي جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.ڪيليفورنيا ۾ نيشنل ڊفينس فورم کي خطاب ڪندي سي آئي اي جي چيف مائيڪ پوميو چيو ته آمريڪا هر قيمت تي پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن جو خاتمو چاهي ٿو.جيڪڏهن پاڪستان انهي خلاف ڪو قدم نه کنيو ته آمريڪا پاڻ ڪارروائي ڪري انهن کي ختم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا جي دفاع واري وزير جي پاڪستان جي دوري دوران ٽرمپ جو پيغام پاڪستان انتظاميا تائين پهچائيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *