Latest news

آمريڪا جو مطالبو…!

December 6, 2017 at 2:15 am

آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان آگاهه آهيون، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ بچاءَ واري واري وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجا آصف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ (ر) ناصر خان جنجوعا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم مختار شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪا طرفان بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس سان گڏ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل ۽ افغانستان ۾ مقرر آمريڪي فوجي جنرل به موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ آمريڪا جي بچاءَ واري وزير جي ملاقات جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. بيان موجب جيمز ميٽس جي دوري جو مقصد پاڪستان سان لاڳاپن کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري ۽ لاڳيتن لاڳاپن لاءِ گڏيل رستو ڳولڻ آهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪ فوج جون پيشيوراڻيون صلاحيتون ساراهه جوڳيون آهن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان آگاهه آهيون. پاڪستاني اختيارين دهشتگردي خلاف تازي آپريشن بابت آمريڪي وفد کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آمريڪي وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جون ڪي ڳجهيون پناهه گاهون ناهن پر سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس آپريشن جاري رهندا، اهو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. انٽيليجنس آپريشنز دوران گذريل چئن ورهين ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي مضبوط ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي جي هر صورت توڙي قسم جو خاتمو آندو ويندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته سڄي قوم دهشتگردي کي پاڙئون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ڪرائڻ واري آمريڪي عمل کي ساراهيون ٿا، افغان امن جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ واري آمريڪي تجويز مان متفق آهيون، افغانستان ۾ امن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. آمريڪي وزير دفاع چيو ته مان ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته ”ڪامن گرائونڊ” تلاش ڪرڻ لاءِ اسان سخت محنت ڪنداسين  گڏجي ڪم ڪيو وڃي ۽ هي ئي اها حڪمت عملي آهي جيڪا  مان اختيار ڪرڻ چاهيان ٿوم واضح رهي ته اهو آمريڪي بچاءَ واري وزير جو پهريون پاڪستاني دورو آهي، ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن 24 آڪٽوبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *