Latest news

اسان ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کان ٻاهر نڪرڻ چاهيون ٿا:خواجه آصف

December 6, 2017 at 5:19 pm

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي قومي مفادن موجب جوڙي رهيو آهي ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ خطي جا ملڪ اسان جي ترجيح آهن. پرڏيهي وزير خواجا آصف ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان 80 واري ڏهاڪي ۽ نائن اليون واقعي کان پوءِ پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل ڪري رهيو آهي، انهن دورن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آمريڪي مفادن جي نظر ۾ هئي. هن چيو ته اسان ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان کان ٻاهر نڪرڻ ٿا چاهيون. افغانستان ۾ امن اسان جو امن آهي جڏهن ته چين هڪ اعتماد جوڳو دوست آهي، جيڪو سي پيڪ ۾ گهڻي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وڌو پيو وڃي جڏهن ته افغانستان جي ٽن صوبن ۾ داعش موجود آهي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي افغان صدر اشرف غني سان بگرام ۾ ملاقات به اتان جي صورتحال جو آئينو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *