Latest news

او آءِ سي اجلاس، والاريل بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جو مطالبو

December 13, 2017 at 5:59 pm

استنبول( م ڊ )   او آءِ سي يروشلم کي فسطيليني گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ خلاف استنبول ۾ او آءِ سي جو اجلاس جاري آهي. اجلاس ۾ فلسطيني صدر محمود عباس، اردن جو بادشاهه عبدالله، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ايراني صدر حسن روحاني ۽ بنگلاديش جي صدر عبدالحامد سميت 22 اسلامي لڪن جا سربراهه ۽ 25 ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شريڪ آهن. ترڪ صدر رجب طيب اردوان اسرائيل کي دهشتگرد رياست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. او آءِ سي جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر ارجب طيب اردوان چيو ته والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اخلاقيات جي قدرن جي ابتڙ آهي جڏهن ته آمريڪي فيصلو انتها پسندن جي مفادن ۾ آهي. هن چيو ته فلسطين جي ايراضي ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي، اسرائيل قابض ۽ دهشتگرد رياست آهي، جڏهن ته آمريڪي فيصلو اسرائيل کي دهشتگرد قدمن تي کيس تحفو ڏيڻ برابر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *