Latest news

ڊبل روڊ جلد مڪمل ڪيو وڃي

December 13, 2017 at 5:33 pm

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عوامي خادم آهيون، پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ وفاق ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ هن وقت سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، جنهن سان صوبي ۾ روزگار جا موقعا فراهم ٿيڻ سان گڏ صوبي جي عوام جو زندگي وارو معيار بهتر ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرائڻ پ پ پ حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي. اهڙو اظهار هن ڄامشورو کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڳ تعمير ٿيل روڊ جنهن جو افتتاح محترمه بينظير ڀٽو ڪيو هو، جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ هن جهڙو بهتر روڊ موجود ناهي، هن روڊ جي تعمير 20 سال اڳ ٿي هئي پر هاڻي ٽريفڪ وڌڻ بعد هتي ڊبل روڊ جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اڄ ان روڊ جي تعمير لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، هن چيو ته لاڙڪاڻي تائين ڊبل روڊ تعمير ٿي چڪو هو پر هي روڊ رهيل هو ۽ هو جڏهن ناڻي کاتي جو وزير هئس ان وقت کان ڪوشش هئي ته ڄامشورو کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ جي تعمير ڪئي وڃي ۽ جڏهن مون وزيراعليٰ جو ذميواريون سنڀاليون ته اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ کي مون چيو ته ڪنهن به حالت ۾ ان روڊ کي ڊبل ڪيو وڃي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت طرفان ڪو عذر هوندو ته اسان ان روڊ کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي تعمير ڪنداسين ۽ اها ڪوشش اڄ ساڀيان ٿي آهي. هن ٻڌايو ته ان روڊ کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ ڄامشورو کان مانجهند 64 ڪلوميٽر تائين جڏهن ته ٻئين فيز ۾ مانجهند کان سيوهڻ تائين روڊ جي تعمير ٿيندي ۽ ٻئين فيز لاءِ به ٽينڊر ڏئي ڇڏيا آهن ۽ جنوري ۾ انشاءَالله تعاليٰ ان جا ٽيڪنيڪل برج اچي ويندا ۽ ٽن مهينن اندر ان جو ڪم به شروع ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته اهو مڪمل ڊبل روڊ هوندو جنهن ۾ 4 لائينون هونديون 2 هڪ پاسي ۽ 2 ٻئين پاسي ۽ وچ ۾ ڊوائيڊر هوندو جنهن جي اونچائي ايتري هوندي جيتري حيدرآباد ميرپورخاص روڊ جي آهي.
هن چيو ته کيس اڄ فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته پنهنجي والد جي ڏنل ڪم کي اڳيان وڌائي رهيو آهي. هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وارن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته اهي ٻڌي ڇڏين هو هاڻي هن پاسي هيليڪاپٽر وسيلي نه پر روڊ وسيلي سفر ڪندو ۽ ڪم جو معيار پاڻ چيڪ ڪندو، ان روڊ جي تعمير جو ڪم بهتر درجي جو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هو پنهنجي مرحوم والد سيد عبدالله شاهه جيان پنهنجي تڪ سميت صوبي جي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڄامشورو پٺتي پيل علائقو آهي، ڪوهستان جو وڏو علائقو هن ۾ اچي ٿو، جتي ترقياتي ڪمن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن لاءِ اسڪيمون نظر ۾ آهن. هن چيو ته هن واعدو ڪيو هو ته ڄامشورو ۾ ٽريفڪ جي آزار کان بچڻ لاءِ هڪ پل تعمير ڪري ڏيندو، جنهن جو تعمير جو ڪم پڻ زور شور سان جاري آهي ۽ اها هلندڙ سال ئي مڪمل ٿي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڄامشورو کان سيوهڻ روڊ جي تعمير وقت هتي جن به هنڌن تي فلاءِ اوور يا انڊر پاس جي ضرورت آهي ان حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهايو آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت سهڪار نه ڪيو ته اهو ڪم به صوبو پاڻ ڪندو هو. هن چيو ته ڪوهستان ۾ جتي به بجلي جي سهولت موجود ناهي اتي سولر بجلي فراهم ڪئي ويندي ۽ واٽر اسڪيمون پڻ ڏنيون وينديون. هن چيو ته هي رستو پاڪستان وچ ۾ رابطن جو ذريعو آهي جنهن جي تعمير سان عوام کي وڏو فائدو رسندو. هن چيو ته هو عوامي خادم آهن ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوام جي خدمت جاري رهندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر چيو ته اڳ به مرحوم سيد عبدالله شاهه جي ڪاوشن وسيلي اسان کي هي روڊ مليو هو ۽ اڄ سندس موڀي پٽ اسان کي ان روڊ کي ڊبل ڪري ڏئي رهيو آهي، هن روڊ جي تعمير سان عوام کي تمام گهڻو فائدو رسندو ۽ اهي سيد مراد علي شاهه کي دعائون ڪندا، هي روڊ تمام گهڻو خطرناڪ هو، جنهن ڪيتريون ئي قيمتي جانيون کائي ڇڏيون، ڊبل روڊ سان حادثن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هتان جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، هن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڪوهستان جي عوام جون سيد مراد علي شاهه ۾ وڏيون اميدون آهن، جن لاءِ پڻ ڪي بهتر اسڪيمون شروع ڪيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *