Latest news

متحد ٿيڻ جي ضرورت..!

December 20, 2017 at 5:58 pm

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڌرڻن ۾ فوج جو ڪو به ڪردار نه آهي، جيڪڏهن فوج جو ڪردار ثابت ٿي ويو ته آئون استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، فوج جي آئيني ڪردار کان مطمئن آهيان، پارليامينٽ دفاع ۽ پرڏيهي پاليسيون ٺاهي اسان ان تي عملدرآمد ڪنداسين، 41 ملڪن جو اتحاد ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي، اڃا ان اتحاد جا مول متاع طئي ناهن ٿيا، ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڪڏهن به ويڙهه ٿيڻ نه ڏينداسين، ٽي وي تي تبصرا ڪندڙ رٽائرڊ فوجي فوج جا ترجمان نه آهن، ٽي وي تي بڻيل ترجمانن سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي. سينيٽ جي پوري ايوان جي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي آرمي چيف ڪيترن ئي سينيٽرن جي تکن سوالن جا به جواب ڏنا. آرمي چيف کان گهڻا سوال ڌرڻن بابت پڇيا ويا جنهن تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه واضح ڪيو ته ڌرڻن ۾ پاڪ فوج جو ڪو به ڪردار نه آهي، جنهن تي (ن) ليگ جي سينيٽر مشاهد الله خان هڪ دفعو ٻيهر ان حوالي سان سوال ڪيو جنهن تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته آئون واضح ڪريان ٿو ته ڌرڻن سان فوج جو ڪو به واسطو نه آهي، جيڪڏهن ڌرڻن پويان فوج جو هٿ ثابت ٿي ويو ته آئون استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. هن چيو ته ڌرڻو لڳو ته منهنجي ذهن ۾ لال مسجد جو واقعو به تري آيو ۽ مون ڊي جي آءِ ايس آءِ کي چيو ته ڌرڻي وارن سان ڳالهايو وڃي ۽ ڳالهائڻ کانپوءِ خبر پئي ته انهن جا چار مطالبا آهن ۽ پوءِ هو هڪ مطالبي تي اچي ويا ۽ آئون سعودي عرب ويندي به ڌرڻي بابت معلومات وٺندو رهيس. فوج جي ڪردار جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي فاروق ايڇ نائيڪ سوال ڪيو ته ڇا توهان فوج جي موجوده ڪردار مان مطمئن آهيو، ڇا فوج جي موجوده ڪردار کان وڌي ڪري ٻيو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي .
جنهن تي آرمي چيف چيو ته فوج جو آئين ۾ جيڪو ڪردار آهي ان مان مطمئن آهيان، فوج آئين موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اها ڪندي رهندي. آرمي چيف سينيٽرن کي چيو ته پارليامينٽ دفاع ۽ پرڏيهي پاليسيون ٺاهي اسان ان تي عملدرآمد ڪنداسين. اسلامي ملڪن جي اتحاد جي حوالي سان آرمي چيف چيو ته 41 ملڪن جو اتحاد ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي ۽ اڃا تائين ان اتحاد جا ٽرمز اينڊ ڪنڊيشن به ناهن ٺاهيا. ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان آرمي چيف چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪا به ويڙهه ٿيڻ نه ڏينداسين. ٽي وي تي تبصرن جي حوالي سان آرمي چيف چيو ته رٽائرڊ فوجي ڪنهن به حوالي سان پاڪ فوج جا ترجمان نه آهن، جيڪي ماڻهو ٽي وي تي اسان جا ترجمان بڻجن ٿا انهن سان ڪو به تعلق نه آهي. هن چيو ته خطي جي جيو اسٽريٽجڪ صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي لاڳو خطرن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي جو آئون پارليامينٽ جي هڪ اهم ڪميٽي ۾ شامل ٿيو آهيان. هن چيو ته ڪجهه اهم ملڪن جا دورا فوجي سفارتڪاري جو حصو آهن ۽ علائقائي ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ اهي دورا مددگار ثابت ٿيا آهن. آرمي چيف بريفنگ ڏيندي چيو ته بارڊر مئنيجمينٽ پاڪ افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر آهي. جڏهن ته بريفنگ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته پارليامينٽ ۾ اڄ تمام سٺو ڏينهن گذريو. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ جمهوري عمل سان گڏ بيٺل آهيون، ملڪي استحڪام جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان ٻاهرئين سازشن کان پوري طرح آگاهه آهيون ۽ فوج پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *