Latest news

استادن مٿان ٿيل پوليس گردي ۽ سنڌ حڪومت

December 22, 2017 at 7:13 am

مسرورسيال
وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته اسين هر حوالي سان سڌريل ملڪن کان ايترا ته پري بيٺل آهيون جو انهن سان ڪلهو ملائي هلڻ ته اسان جو خواب ته ٿي سگهي ٿو پر حقيقت نه …. حقيقت ٿيڻ لاءِ عمل جي ضرورت هجي ٿي ۽ اسان جا عمل ايترا ته ڪڌا بڻجندا پيا وڃن جو چڱائي جي اميد به ڌنڌلي نظر اچي رهي آهي ڪرپشن هڪ اهڙي موذي مرض جيان جڪڙي چڪي آهي جو اسان جي ننڍي عملدار کان وٺي وڏي ڪاموري ۽ وزيرن کان وٺي حاڪم تائين سڀ جا سڀ ان مرض ۾ جڪڙيل آهن ، جڏهن ملڪ جا حڪمران پاڻ ڪرپٽ ليکيا ۽ سڏيا وڃن جن جي سڃاڻپ پڻ ڪرپشن هجي اُهي ڪنهن به حوالي سان بهتري نٿا آڻي سگھن سندن عملن سان خرابي ئي جنم وٺي سگھي ٿي آبادگارن جڏهن پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي آيا ته مٿن تشدد ڪيو ويو اڃا ان تشدد واري عمل تي حڪومت خلاف احتجاج جاري آهن ته وري ڪراچي ۾ اين ٽي ايس پاس استادن جي پرامن احتجاج مٿان پوليس گردي ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي استاد ۽ استادياڻيون زخمي ٿيون آهن ۽ کين گرفتار ڪيو ويو آهي ……! سوال اِهو آهي ته هن جمهوري حڪومت ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس گردي ڇو ڪرائي پئي وڃي …..؟ لڳي ائين رهيو آهي ته اسان جون جمهوري حڪومتون به آمراڻي طريقن کي پسند ڪرڻ لڳيون آهن آمريت پنهنجي اقتدار خاطر هر ظلم ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندي آهي پر جمهوري حڪومت عوام جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ هونديون آهن هو عوام جي مفادن خاطر اقتدار جون قربانيون به ڏيندڙ هونديون آهن پر موجوده سنڌ حڪومت جيڪا پ پ پ جي حڪومت آهي اُها عوام جي مفادن بجاءِ اقتدار بچائڻ واري مفاد کي اهميت ڏيندڙ نطر اچي ٿي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سندن سوچ جمهوري بجاءِ امراڻي ٿيندي پئي وڃي . استادن مٿان ٿيل تشدد مان حڪومت جي ان سوچ جي پرک پوي ٿي ته هُو ڪيترا تعليم دوست آهن ۽ وٽن استادن لاءِ ڪيترو احترام آهي …….! اسين سمجھو ٿا ته جمهوري حڪومتن ۾ هر فرد کي اِهو حق حاصل هجي ٿو ته هُو پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگھي ٿو ۽ احتجاج ڪرڻ ان جو بنيادي حق هجي ٿو ۽ ان حق کان محروم نٿو رکي سگھجي .
پر ڏسجي ٿو ته پ پ پ حڪومت عوام کان اُهو حق کسڻ ۾ مصروف آهي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ جمهوري عمل نٿو چئي سگھجي خير اسين ڀل سندن عمل کي غير جمهوري سمجھندا هجون پر حڪمرانن وٽ وري پنهنجا دليل هوندا آهن سندن عمل آمراڻو نه هوندو آهي پر امن و امان کي برقرار رکڻ وارو دليل هوندو آهي جيڪو دليل به کل جھڙو هوندو آهي پر ڇا ڪجي ته اقتدار جو نشو هجي ئي اهڙو ٿو جو غلط عمل کين صحيح نظر ايندا آهن ڀل ته ڪير ڪراچي ۾ استادن مٿان تشدد کي غلط قرار ڏئي پر حڪومت غلطي جو اعتراف نه ڪندي ڀل ته غلطي جو اعتراف نه به ڪري پر ايترو ته ضرور ٻڌائي ته اين ٽي ايس يا سنڌ يونيورسٽي پاس استاد ميرٽ تي ڀرتي ٿيل آهن يا نه ……؟ ظاهرآ حڪومت جو جواب هوندو ته ميرٽ تي ڀرتي ٿيل آهن . ته پوءِ انهن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ڀرتي جي لتاڙ آهي يا نه ……..؟ جيڪڏهن حڪومت پاڻ ميرٽ جي لتاڙ ۾ ملوث هجي ته ان حڪومت کي ڇا چئجي . اسين اِهو سوال ڪرڻ جو به حق رکون ٿا ته استاد جو مطالبو ڪهڙو هو جنهن جي بدلي ۾ مٿن تشدد ڪيوويو ۽ کين رستن تي گھيليندا رهيا ۽ گرفتاريون ڪيون ويون ..؟ استادن جو مطالبو هو ته کين نوڪرين تي پڪو ڪيو وڃي کانئن روزگار نه کسيو وڃي سندن گھر جي چلھه نه وسائي وڃي سندن ٻچن کان حلال جي ڪمائي جو گرھه نه کسيو وڃي کين بي روزگاري واري عذاب ڏانهن نه ڌڪيو وڃي . ڇا اِهو مطالبو غلط آهي ،
ڇا سندن اِهو حق ناهي ته پنهنجن حقن لاءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪن . حڪومت جي ذميواري هئي ته استادن سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا تسليم ڪيا وڃن ها نه ڪي مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي ها ۽ ذليل آميز رويو رکيو وڃي ها . استاد جيڪو پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ هجي ٿو جنهن جو ادب ۽ احترام سڀ تي واجب هجي ٿو انهن سان بداخلاقي وارو رويو رکڻ ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي استادن مٿان تشدد کان پوءِ تعليم واري صوبائي وزيرڄام مهتاب ڏهر سندن نوڪري ۾ 6 مهينن جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اعلان مسئلي جو حل ناهي صوبائي وزير کي کين مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي ها هن واڌ واري اعلان کي استاد قبولڻ لاءِ تيار ناهن جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سندن احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ٻئي طرف هڪ افسوس وارو عمل اِهو به نظر آيو ته پ ٽ الف توڙي ٻيو استاد تنظيمون جيڪي استاد حقن لاءِ جاکوڙين ٿيون اُهي هاڻ انتشار جو شڪار آهن ۽ ٽولن ۾ تقسيم ٿيل آهن اُهي پڻ نظر نه آيا هي ڇا سبب آهي جو اين ٽي ايس پاس استاد پنهنجي مستقلي لاءِ الڳ تحريڪ هلائي رهيا آهن ڇا سمورا استاد گڏجي سندن لاءِ جدوجھد نٿا ڪري سگھن …؟ کين پنهنجا سمورا اختلاف ختم ڪري متحد ٿيڻ گھرجي ۽ گڏيل تحريڪ هلائڻ واري سوچ کي اڳتي وڌائن گھرجي اين ٽي ايس پاس مرد توڙي عورت استادن مٿان ٿيل پوليس گردي کان پوءِ ٽولن ۾ تقسيم ٿيل استاد تنظيم پ ٽ الف متحد ٿي استاد حقن لاءِ گڏيل حڪمت عملي هيٺ ڪو عملي قدم کڻن ٿا يا نه …… ۽ وري سنڌ حڪومت ميرٽ تي ڀرتي اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي استادن کي مستقل ڪري ٿي يا نه ، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي استاد ۽ تعليم دشمن روين جو نوٽيس وٺي ٿو يا نه … جي ورتو ويو ته سمجھبو ته حڪمرانن توڙي حڪمران جماعت کي عقل آيو آهي ۽ استادن جا مطالبا کين سمجھه ۾ آيا آهن پر جي ائين نه ٿيو ته پوءِ پ پ پ لاءِ جمهوري ۽ عوامي پارٽي هجڻ لاءِ سواليه نشان باقي رهندو …..! جيڪو پ پ پ جي ووٽر لاءِ تڪليف ڏيندڙ هوندو ان ڪري به ته سنڌ جو استاد پڻ پ پ پ جو ووٽر رهيو آهي …..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *