Latest news

سنڌين جي حقن تي ڌاڙا ڇو؟

December 22, 2017 at 6:31 pm

ليکڪ دودو ديشي

سنڌ جي زراعت جي تباهي ۽ آبادگارن جي معاشي قتل عام خلاف هلندڙ جدوجهد 7 ڏينهن اڳ ۾ ڪمنڊ جي اگهن بابت سنڌ سرڪار جي نوٽيفيڪشن تي عمل نه ٿيڻ خلاف آبادگارن پاران بلاول هائوس آڏو مارچ ڪيو ويو ته پوليس آبادگارن جي احتجاج کي روڪي ورتو. نه رڳو آبادگارن کي روڪي ورتو پر آبادگارن هاري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان لٺبازي ۽ شيلنگ جو استعمال ڪيو ويو.مان سمجهان ٿو ڪراچي اندر جيڪو هاري ۽ انهن جي عورتن سميت ٻارڙن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو اهو سوسڌو دهشتگردي آهي. دهشتگردي ان ڪري آهي جو سنڌ ۾ جمهوري حڪومت آهي جنهن ۾ احتجاج ڪري هر ڪنهن جو آئني ۽ قانوني حق آهي پر هتي سنڌ جي آبادگارن سان گڏ اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ٽيسٽ ڪندڙن استاد ۽ استادياڻيون پنهنجي حقن لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ته هنن مٿان به آمريتي رويو آختيار ڪرڻ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻايو جيڪا هڪ سنڌ جي پيغمبري پيشي استاد سان هڪ وڏي ناانصافي آهي اهڙي عملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي مان سنڌ جي عدالتن کي اپيل ٿو ڪريان ته اهڙي سنڌ جي آبادگارن ۽ استادن سان سلوڪ ڪرڻ تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسان پنهنجي شاندار ماضي کي وساري ويٺا آهيون زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ پاڻ کي اسان پوئتي نه ڇڏيو آهي اها تعليم هجي ثقافت هجي صحافت هجي يا پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جو حصو هجي. امتحان ڏئي. پاس ڪيو آهي جيڪو عمل جاري آهي پر هتي ٿئي ائين ٿو جيڪو پنهنجي حقن لاءِ اٿي ٿو ان کي مختلف ڀوتان ۽ الزام هڻي ان کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. پر سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي ٻهراڙي ۾ ڌاڙيلن عوام جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي هڪ طرف باهه ٻئي طرف پاڻي ڪنهن به سنڌ واسي کي پنهنجي حقن توڙي زندگي سڪون جي گذر ڪرڻ لاءِ ڪابه واٽ نه ٿي ملي. پر اسان پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪيون پيا. ان جو اڄ سنڌ جي روڊن رستن تي سنڌ جا آبادگار پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ جرڳا قدم کڻي رهيا آهن جنهن جو ثبوت سڪرنڊ باءِ پاس تي سنڌ جي آبادگارن هزارن جي تعداد ۾ ڪمنڊ جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف ۽ حڪمرانن خلاف سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو پر حڪمران هن وقت تائين آبادگارن جي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.وري سڀاڻي سنڌ آبادگارن ۽ شگر ڪين ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌ بچايو زراعت بچايو ڪمنڊ جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف تاريخي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي اسان قومپرست آبادگارن جي جائز مسئلن توڙي ڪمنڊ جو مقرر اگهه ملڻ جي ڀرپور نموني حمايت ڪيون ٿا. هڪ طرف سنڌ ۾ ڌاري آبادگاري خلاف ٿيندڙ احتجاج جو به حڪمران ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهن. سنڌ جي حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌي ماڻهن جا جائز مسئلا جهڙوڪ آبادگارن جي فصلن جا مقرر اگهه ڏيارڻ سان گڏ اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي پاس استادن کي پڪا آرڊر ڏئي سنڌ ماڻهن سان انصاف واري واٽ اختيار ڪري ٻئي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جي حاصلات لاءِ اڄ ڪراچي جي روڊن تي پوليس جي هٿان رتو رت بڻيل آهن اها باهه سموري سنڌ کي وڪوڻي سگهي ٿي ڇو جو سنڌ جي ڪنڊ ڪوڙڇ ۾ موجوده حڪومتي دور جون ڪافي ساريون ناانصايون آهن. سنڌن جا حق طرح طرح غذب جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پڙهيل لکيڪ طبقي سميت آبادگارن توڙي صحافين لکيڪ کي پنهنجو ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجا حق ڏياري سگهن ٿا. اچو ته سڀاڻي هٽڙي باءِ پاس وٽ تاريخي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي سنڌ جي زراعت جي تباهي ۽ آبادگارن جي معاشي قتل عام ٿيندڙ هن فيصلي ڪن جدوجهد کي ڀرپور ڪردار ادا ڪريون اچو ته گڏجي حڪومت ڏاڍ ، جبر ۽ هڪ هٽي هڪ سگهارو آواز بلند ڪريون ۽ ڪمند سميت سنڌ جي هر آبادگارن کي پنهنجا حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريون. ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي حڪومت ڌر جي هر ناانصافي جو منهن ٽوڙ جواب پنهنجي ٻڌي ايڪي جو ثبوت ڏيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *