Latest news

سنڌ تي هڪ نئين ڪاه….!

December 22, 2017 at 6:31 pm

احمد نواز انقلابي

سنڌ تي مختلف وقتن ۾ مختلف طريقن سان قبضي ڪرڻ جون ڪوشش ڪيون وينديون رهيون آهن ڪڏهن سائيڪلاجيڪلي ته ڪڏهن فضيڪلي انهن يلغارن جو سنڌ مصبتي للڪار سان جواب ڏيندي رهي آهي سنڌ ۾ ارغونن،ترخانن،انگريزن،جي سماراجي ڪاهن کان پوءِ سماراج جي سنڌ اندر ويٺل پٺن جي ڪاه سنڌ سماراجي ڪاهن کان وڌيڪ نقصان رساريو آهي ۽ رسائيندي رهي ٿي.گذريل سڀني ڪاهن ۾ سنڌ ۾ هاري پورهيت استادن شاگرد باوقار طريقي سان زندگي بصر ڪندا رهيا هئا البته انهن ڪاهن سنڌ کي تمام وڏو  معاشي نقصان رسايو پر هي جيڪا سنڌ ۾ ويٺل سماراهي  پٺن جي  ڪاه لطيف ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مارن ۽ هارين جيڪي سنڌ ڌرتئَ جا اصل وارث ڌرتي کيڻڻ وارا سنڌ جي صوفي جي نعري مطابق جو کيڙي سو کائي هاري ئي سنڌ جا اصل وارث آهن انهنَ هارين هارياڻين تي ڪاه ٿي جنهن کي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي،شيخ اياز سميت ٻين شاعرن پنهنجي شاعري ۾ وڏو مان بخشي ان جي محنت کي ساراهيو آهي اها ڪاه انهن مٿان ٿي جيڪي سڄو سال ٻينين ۾ ڪم ڪري پگهر پسينا ڳاڙي محنت ڪندا آهن ۽ پوءِ فصل تيار ٿيندو آهي انهئَ لاءِ جڏهن پنهنجو حق گهرڻ لاءِ سياري جي سئَ ڪراچي جي رستن تي حق جا هوڪا ڏيندي دنيا کي اهو ٻڌايو پئي اسان محنت ڪري پگهر وهائي معصوم ٻارن کي بک ڏئي ڪم ڪندا آهيون پر انهئ جي باوجود جڏهن اهي فصل تيار ٿيندو آهي ته اسان کي ملندو آهي ته ڇا پوليس جون لٺون شيلنگ ۽ جيل ۾ بند ڪيو ويندو آهي ثاني هٽلر جي بدمست هٿين جي اٽالن سنڌ جي هارين تي ڪڙڪي پوڻ ۽ هاريڻن جي عزت تي روڊن تي تذليل ڪرڻ سنڌ هزار ثقافت جي توهين ڪري سنڌ جي روح رنجايو ويو ڇا سنڌَ هارئَ کي حق گهرڻ جي اجازت وٺڻي پوندي؟ ڇا سنڌ ۾ پ پ پ کي انهئَ ڪري ووٽ مليو ته سنڌ جي نگهن کي حق گهرڻ تي روڊن تي تذليل ڪئي وڃي؟ سنڌ حڪومت کي اهو نه وسارڻ کپي ته هاري ملڪ جي ريڙ جي هڏي آهن هي ملڪ رزعي آهي ۽ 70% بجيٽ جو ڌارومدار به زراعت تي آهي  انهئَ  زراعت کي تباه ڪرڻ ملڪ جي سالميت جي خلاف آهي اهو جو انصاف آهي ته هڪ اومني گروپ کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌ ماڻهن سان سرعام ظلم ڪيو وڃي؟

گذريل ڏينهن جڏهن منهنجي نظر اين ٽي ايس ٽسٽ پاس ڪندڙ استادن جي احتجاج تي پئي ته ائين پئي نظر آيو ته اهي استاد نه پر وڏا دهشگرد هٿ آيا هجن جن سان پوليس جو ورتاءُ وڏن ڏوهارين جيهڙو هيو ڇا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به استاد کي حق گهرڻ تان روڊن تي دنيا جي سامهون بي مانو ڪيو ويندو آهي؟ استاد پيغمبري پيشو آهي بهترين سماج جي جوڙ جڪ جو محور به استاد هوندو آهي پر انهئَ استاد هي تذليل ڪئي ويندي ان کي پنهنجي حقن کان محروم رکيو ويندو ۽ ان جي پڙهائڻ ۾ رنڊڪون وينديون ته جيڪو سماج جو انفرا اسٽريڪچر ٺهندو ان جو اندازو توهان خود لڳائي سگهو ٿا پ پ سرڪار کي ڊراما سرڪار چئجي ته ڪو هرج نه ٿيندو اها پ پ سرڪار ڪجه وقت کان تعليم جو رينگهٽ پئي ڪيو تعليمي ايمرجنسي پوءِ اها ڪاڏي وئي تعليمي ايمرجنسي توهان ته حق گهرندڙن تي شيلنگ ٿا ڪيو انهن ڏنڊا ٿا وسايو اهو ڪٿان جو انصاف آهي.انصاف جي تقاضه اصغر کوسي جي هٿن ۾ ڏسي دل جهري پيو آهي جڏهن اهو فيصلو پڙهڻ لاءَ مليو ته هن دفعي ميڊيڪل جي ٽسٽ جو پيپر آوٽ ٿي ويو تڏهن به خير آهي ٽسٽ هر سال ٿيندي آهي سنڌين کي آسماني مخلوڪ جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ميدان ۾ لهڻو پوندو

تن تبيب نه تون سڌ نه لهين سور جي

سانڍ  پنهنجا  دٻڙا  کڏ  کڻي  بون  ۾

ڪو نه گهرجي مون حياتي هوتن ڙي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *