Latest news

سياسي ڇڪتاڻ اندر ملڪ جي سلامتي کي خطرو نه اچي..!!!

December 22, 2017 at 7:14 am

غلام مصطفيٰ جمالي  
شايد دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي تاريخ اهڙي هجي جهڙي پاڪستان جي آهي جتي 70سالن اندر چار دفعا مارشلا لڳي هجي ۽ چئني دفعا انهي مارشلا جي خلاف عوام هڪ آواز بڻجي ڪري انهي مارشلا خلاف آواز اٿاري ڪري جمهوريت کي بحال ڪيو هجي، هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ تمام گهڻي گرما گرمي نظر اچي رهي آهي،هڪ طرف سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ڄونڊا پٽ ڪري رهيون آهن هڪ طرف اهڙو ماحول آهي ته ٻئي پاسي ملڪ جي هڪ وڏي تعداد اندر موجود حلقي جو اهو به چوڻ  آهي ته لولي لنگڙي جهڙي به آهي پر جمهوريت ڀلي آهي،انهي ڪري جيڪڏهن خد ويهي ڪري اهڙا سياسي حلقا جههوريت کي ختم جون ڳاليهون ڪن ته اهو عمل ڪيتري قدر بهتر عمل هوندو يا اهو عمل ملڪ ۽ قوم لاءِ خطرو هوندو هن جو اندازو اوهان پاڻ به لڳائي سگهو ٿا.
سڀني جي سامهون ترقي اندر فوجي بغاوت کي رد ڪري وڏي تعداد اندر عوام حڪومت جو ساٿ ڏئي ڪري پڻ اهو ثابت ڪيو  ته ملڪن کي فوج مان نه پر جمهوريت مان فائدو آهي،ڀلي ترقي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر ڪي ترقياتي ڪم نه به ٿيا هجن پر اتي هڪ اهم سوال اهو به آهي ته جت پاڪستان اندر لولي ۽ لنگڙي جمهوريت آهي. ٻيو ڇا انهي جمهوريت کي اپوزيشن جي سياسي پارٽين هلڻ به ڏنو آهي يا جيڪي انهي جمهوريت جون هميشه ڄنگهون ئي ڇڪينديون رهيون آهن.؟ جڏهن ته اها جمهوريت شروع واري ڏهاڙين کان ويندي هن وقت تائين رڳو ڌرڻن جي ور چڙهيل رهي آهي ،ايتري حد تائين جو ملڪ جو سابق وزيراعظم پارٽين کي منٿ ميڙ ڪرڻ لاءِ بيماري جو بهانو ڪري ڪيترائي ڏينهن لنڊن اندر ترسيو پر سندس ڪنهن به هڪ ٻئي نه ٻڌي ايتري تائين جو اهي به ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون ته ميان نواز شريف ڪنهن به نموني اپوزيشن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ آصف علي زرداري کي به منٿ ميڙ ڪئي به آصف ۽ سندس وچ ۾ ڳالهيون ٿي نه سگهيون.
پاڪ آرمي جي اڳوڻي آرمي چيف جي دور اندر عمران خان صاحب  فوج کي ملڪ سنڀالڻ ۽ مٺايون ورهائڻ جي نه رڳو ڳالهه ڪئي ته سندس ڪارڪنن ڪيترن ئي شهر اندر مٺايون ورهائي فوج کي دعوت ڏني ته اها پاڪستان جي حڪمراني ڪري ،جڏهن ته فوج پاران باربار انهن بيانن کي رد ڪيو  ته پاڪستان اندر اهڙي صورتحال موجود ئي ناهي جنهن جي ڪري ملڪ جون واڳون فوج سڀنالي.فوج ان وقت سخت لفظن ۾ چيو هو ته  ڪجهه سياسي حلقن کي اچي مٿي ۾ سور آهي جو اهي فوج کي ري گهريون دعوتون ڏئي رهيا آهن.
برحال اهو سياستي جو وهندڙ پاڻي آهي جنهن کي ڪير ڪيترو به گندو ڇو نه ڪري پر رهڻو سڀني کي انهي پاڻي ۾ آهي.انهي اندر ساهه کڻڻو آهي ۽ انهي اندر زندگي گذارڻي آهي،انڪري هن وقت به حڪومت پاران چيو پيو وڃي ته اقتصادي راءِ داري منصوبي کي ڪامياب ڪيو ويندو. ۽ کيس مڪلمل ڪيو ويندو.جنهن جي ڪري هن خطي اندر ترقي جون ڪيترون نيون راهون کلي پونديون.۽ ترقي جي هڪ نئي سفر جي شروعات ٿيندي .جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه پڻ بيان ڏنو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ اقتصادي راهداري منصوبي جي ڪاميابي ضروري آهي انڪري آرمي چيف جي بيان کي ڏسجي ته ائين محسوس ٿيندو ته هو ملڪ اندر ڪنهن کي به وڳوڙ ڪرڻ نه ڏيندو.۽ هو ڪنهن کي به اهڙي اجازت نه ڏيندو جنهن سان ملڪ کي معاشي نقصان ٿي.جڏهن ته اوهان هڪ نظر سان ويهه سالن تي سياست تي نظر وجهندا ته اوهانکي معلوم ٿيندو ته ملڪ اندر حالتون تڏهن ئي خراب ٿيون آهن جڏهن اسٽيپلمنٽ ڪنهن جي مٿان هٿ رکيو آهي.ڪڏهن نواز حڪومت تي ته ڪڏهن پ پ حڪومت تي.! ها اها ٻئي ڳالهه آهي ته مشرف جي دور اندر ڪجهه نوان چهرا ضرور معتارف ڪرايا ويا هئا. ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي اهي دليل هضم نه ٿيا هجن ته هو ڌرڻن جي سياست جي ڊارپ سين کي ڏسي وٺي.
جنرل پرويز مشرف دور اندر جڏهن بلوچستان اندر اڪبر بگٽي کي مارايو ويو هو ته پوري بلوچستان اندر هڪ باهه ٻري چڪي هئي.جنهن جي ڪري ملڪ اندر هڪ دهشتگردي نئون جنم ورتو.۽ هاڻ انهي باهه کي اوجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جڏهن ته اسانجا ڪجهه دوست ته اڃان چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور کان ٻاهر ناهن نڪتا.اهو عدليه اداري جي خوش قسمتي هئي ۽ پرويز مشرف کان پوءِ پ پ جي بدقسمتي هئي.جو انهن کي چيف جسٽس مليو پهرين پرويز مشرف انکان پوءِ پرويز الاهي ۽ پوءِ آصف علي زرداي ۽ پوءِيوسف رضا گيلاني. جي حڪومت کي هلڻ به مشڪل لڳي رهيو هو.عدالت جي پاران ورتل سووموٽو ايڪشن ڪيترن ئي حلقن کي قبول نه هو.ان اندر اسانجا اهي ادارا به شامل آهن جيڪا هميشه مقدس رهيا آهن. 
سياسي پارٽين کي پاڪستان اندر الائي ڇو وڳوڙ پيدا ڪرڻ جو شوق جاڳيو آهي.ڳالهه صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن عمران خان ويهي ڪري جلسا ڪندو ۽  ڌرڻا هڻندو ته اهي ڌرڻا هو روڊن تي ئي هڻندو، جن ۾ وڏي تعداد اندر عوام موجود هوندي.جنهن ڌرڻن اندر ڪجهه ماڻهو پنهنجي مفاد خاطر به ايندا آهن.عمران خان اپوزيشن کي وٺي ڪري ڪيتريون،ڳاليهون ڪيون پر اپوزيشن ۾ پ پ عمران خان جي ڪنهن به هڪ ڳالهه ۾ سندس ساٿ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر پوءِ اڃان به عمران خان اپوزِيشن پارٽين مان اميدون لڳايون ويٺو آهي.پر ڏسجي ته سڀني اپوزِيشن پارٽين اندر سڀ کان وڌيڪ ناقبل اعتبار ڪردار پ پ جو ئي رهيو آهي.ڇو ته عمران ڀلي ڪيتريون به ڳالهيون ڪري پر پ پ عمران خان جي ڪهڙي ته صورتحال اندر ساٿ نه ٿي ڏئي سگهي جيڪڏهن عمران خان اپوزيشن پارٽِين اندر پ پ تي اعتبار ٿو ڪري ته اها سندس سڀ کان وڌيڪ ڀُل هوندي.ڇو ته اها سراسر سندس مفاد جي نفي آهي.
 پ پ جي هيمشه  پاڪستان اندر اول پوزيشن تي رهڻ چاهيو آهي ۽ هن وقت به پ پ پنهنجي انهي ڪوششن ۾ رڌل آهي.سا ڪيئن چاهيندي ته پوءِ اول درجي کان هٺي ڪري ۽ آخري اپوزيشن تي اچي بيهي.عمران خان جي پارٽي ملڪ اندر هڪ نئون نعرو معتارف ڪرايو ته هو ملڪ اندر تبديلي آئيندي انهي نعري جي ڪري کيس تمام گهڻي مقبلوليت ملي ۽ خاص طور تي نوجوان طبقي اندر تحريڪ انصاف  تمام گهڻي شهرت ماڻي آهي انهي ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن هو جڏهن تحريڪ انصاف اڪيلي سر ميدان ۾ مٿل هئي.پر هن وقت تحريڪ انصاف اڪيلي ناهي. ان سان گڏ اپوزيشن پارٽيون آهن .جن مان پ پ ڪڏهن به پنهنجي پوزيشن کي نه ڪرائيندي باقي ٻيون پارٽيون ۽ انهن جي پوزيشن ملڪ هيٺي درجي تي پنهنجي پنهنجي آهي.
 هن وقت پاڪستان جي سياست اندر تحريڪ انصاف ئي اها سياسي پارٽي آهي جيڪا ٻئي پوزيشن جي ٻيٺل آهي ۽ پ پ ٽئي پوزيشن تي آهي.پ پ اقتدار اندر رهي چڪي آهي ۽ هو ملڪ جو واڳون به سنڀالي چڪي آهي تنهن ڪري پ پ هرگز به اهو نه چاهيندي ته وٺس وري حڪومت جو واڳون نه اچن ،بلڪ هو ته نهه چوٽي جو زور لڳائيندي ته حڪومت سندس ئي ٺهي.اهڙي صورتحال اندر عمران خان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه چئي اچي ته هو جنهن جي گڏ وٺيو هلي اها ئي کيس اهڙي کڏ ۾ ڪيرائيندي جتان سندس نڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن هوندو،.خواجه آصف قومي اسيمبلي اندر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته خورشيد شاهه جيڪو عمران خان کي پنهنجي پويان لڳائي جيڪو ڪم سرانجام ڏنو آهي هو انهي مان خوش آهي.جڏهن ته عمران خان جي انهي غلطي کي هڪ ماڻهو محسوس ڪيو هوندو.مستقبل جو سياسي منظر نامو ٻڌائي رهيو آهي ته ماضي ايترو پري نه هو.اڄ عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته نواز شريف ايترو ته ڪمزور ٿي ويو آهي جو کيس ٻين پارٽين جو سهارو وٺڻو پيو پوي.جڏهن ته عمران خان اهو واضع پنهنجي جلسي اندر چيو هو ته نواز شريف جي سياسي ڪمزرو ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري هو مولانا فضل الرحمان جو سهارو وٺي رهيو آهي.جڏهن ته نواز شريف جي سياست کي ڏسي ڪري ته ائين لڳي رهيو آهي ته کيس صرف مولانا فضل الرحمان نه پر ڪيترين سياسي جماعتن جو اتحاد حاصل آهي. 
عمران خان به پنهنجي جلسي جي آغاز ۽ اختتام تائين نواز شريف تي پيو الرون ڪندو پيو اچي. ملڪ اندر سياست صرف ٻن شخصن وچ اندر رهجي وئي آهي.ميان نواز شريف به نااهل ٿيڻ کانپوءِ سياست گهٽ ۽ جلسا وڌيڪ ڪري رهيو آهي ۽ عمران خان ته هوئن به جلسي واري ئي سياست ڄاڻي ٿو.،پر ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته انهي سموري سياسي صورتحال  وچ جي واري سياست اندر عوام کي ڇا مليو آهي،؟ اهو ضرور ڏسڻو آهي.پر ٻنهي سياسيتدان جي لفظي ويڙهه ڀلي ڪٿي به ختم ٿي اهو وقت ئي ٻڌائيندو، پر انهي سموري ماحول اندر ملڪي سلامتي کي ڪو به خطرو نه اچڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو..جيڪڏهن سموري ڇڪتاڻ اندر ملڪي سلامتي کي خطرو آيو ته انهي جا زميوار پاڪستاني سياستدان هوندا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *