Latest news

نيب ۾ سڌارو آندو وڃي

December 22, 2017 at 7:14 am

سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جون پاڙون کائي ويو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جيٽ فيول جي اوپن مارڪيٽ ۾ وڪري ۽ 2 ارب 37 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب ملڪ کي تماشو بڻايو آهي. ان سان ملڪ کي ذلت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پيو ملي. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد انڪوائري مڪمل نه ٿيڻ تي نيب جي  پراسيڪيوٽر منصف جان ايڊووڪيٽ ۽ جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 14 ڏينهن ۾ انڪوائري ۽ مهيني ۾ ڪيس فائنل جي قانوني پابندي آهي. عدالت نيب کان جوابدار خلاف ڪيس جي تفصيلي رپورٽ اڄ طلب ڪري ورتي. جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ سال ٿي ويو آهي نيب کان انڪوائري مڪمل ناهي ٿي رهي. هنن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پيسا کائي رهيا آهيو؟ هاڻي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهيو آهيان، جسٽس گلزار چيو ته توهان جي ايمانداري اسان ڏٺي آهي. جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته ڪن کولي ٻڌو، نيب اختيارين کي سمهڻ جي اجازت ناهي، هٿ وڌا آهن ته ان کي انجام تائين پهچايو. عدالت جو چوڻ هو ته ملڪ جون پاڙون کوکليون ٿي رهيون آهن، اهو ٻڌڻ پئي چاهيو ته ٻڌو، نيب ملڪ کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ نيب ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اداري پاڻ کي ته تماشو بڻايو آهي، پر ملڪ کي به خوار ڪيو آهي،
نيب آفيسرن سان مڪالمو ڪندي ججن ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن ۾ هٿ وجهڻو آهي، وجهو، طاقتور کان ڊڄو ڇو ٿا، پراسيڪيوٽر نيب عدالت کي ٻڌايو ته ملزم شيل ڪمپني 13 لک ليٽر جيٽ فيول خريد ڪيو، ملزم فيول سرڪاري ادارن بجاءِ اوپن مارڪيٽ کي وڪرو ڪيو، ملزم 2 ارب 37 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو، عدالت نيب کي ريفرنس بابت رپورٽ لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *